اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ باضابطا طور فلسطين کي تسليم ڪري ورتو

ڊبلن/ميڊرڊ ( م ڊ ) اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ جي حڪومتن فلسطيني رياست کي باضابطه طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي  آهي. ٽنهي ملڪن جي حڪومتن فلسطين کي باضابطه رياست طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناروي جي ڪابينا پاران فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي باضابطه منظوري کانپوءِ اسپين جي پرڏيهي وزير بارٿ چيو ته ناروي 30 سالن کان فلسطيني حقن جو سرگرم محافظ رهيو آهي. آئرلينڊ جي ڪابينا به اڄ فلسطيني رياست کي باضابطه طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.حڪومتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته آئرلينڊ اڄ فلسطين کي خودمختيار رياست تسليم ڪري ورتو آهي، ڪابينا آئرلينڊ ۽ فلسطين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ فلسطيني شهر رام الله ۾ سفارتخانو کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسپين جي ڪابينا به اڄ فلسطين کي باضابطه طور تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز چيو آهي ته فلسطين تي ظلم تاريخ ۾ بي مثال آهن، امن قائم ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ فلسطين کي تسليم ڪرڻ گڏيل قومن جي قراردادن موجب آهي، فلسطين کي تسليم ڪرڻ تاريخي لمحو آهي.فلسطين کي تسليم ڪندڙ ملڪن جو انگ 146 تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.