يورپي يونين پاران اسرائيل تي پابنديون لڳائڻ تي غور

واشنگٽن ( م ڊ ) بي ڏوهه فلسطينين کي شهيد ڪندڙ اسرائيل جون اڃان تائين رفح سميت غزا جي مختلف علائقن ۾ بمباريون جاري آهن ،  جنهن جي نتيجي ۾ روزانو ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿين پيا، هوڏانهن جنگ بندي نه ڪرڻ تي  يورپي يونين اسرائيل تي پابنديون لڳائڻ تي غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جو چوڻ آهي ته اسرائيل عالمي عدالت انصاف جي فيصلن تي عمل ناهي ڪري رهيو، جنهن سبب مٿس پابنديون لڳي سگهن ٿيون، ياد رهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن مهل تائين اسرائيلي حملن ۾ 36 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.