عمران خان شيخ مجيب کي هيرو چئي ملڪ خلاف سازش پيو ڪري\شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ جي ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي  وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي پاڪستان خلاف ڪڌي سازش ڪري رهيو آهي.هن اها ڳالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته  اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ تھ اڄوڪي ڏھاڙي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو هو . پي ٽي آءِ باني جو جهيڙو ڪنهن سياسي پارٽي سان نه پر ملڪ سان آهي. هن چيو ته هڪ شخص جيل ۾ ويهي انٽرويو ڏئي رهيو آهي، جيل ۾ ويٺل هڪ شخص جا انٽرويو نشر ٿي رهيا آهن، آرٽيڪل ڇپجي رهيا آهن، جيل ۾ ويٺل شخص قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته مجيب الرحمان کي قوم هيرو قرار ڏئي جيل ۾ ويٺل شخص ملڪ خلاف سازش ۾ شامل ٿيو آھي. پي ٽي آءِ جي باني پاران پوليس، ججن ۽ ادارن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.