پوليس نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ سستي پئي ڪري: ام رباب

ميھڙ/ميرپورماٿيلو(نمائندا) سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب چانڊيو ميرپورماٿيلو پھچي شھيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي  ان موقعي تي ام رباب چانڊيو ۽ سندس  چاچا پرويز علي چانڊيو وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ هر ممڪن مدد ڪرڻ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ام رباب چانڊيو چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي مظلوم عوام جو سگهارو آواز هو جنهن هميشه سرداري نظام خلاف ڳالهايو ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرپشن کي وائکو ڪيو ظالم قاتلن هڪ اهڙي آواز کي دٻائي ڇڏيو آهي جيڪو مظلوم جو آواز هو ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته پوليس هميشه جيان نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ به سست رويو اختيار ڪري رهي آهي هن مهل تائين هيڏي وڏي ڪيس جي ڪا به ايف آئي آر داخل نه ٿي سگهي آهي ھوڏانھن ام رباب چانڊيو نصرالله گڏاڻي جي بيواه کي پنجاھ هزار روڪ رقم مدد طور ادا ڪئي آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.