”گم ٿيل هر هڪ ماڻهو گهر واپس ايندو“ حڪومت جي اسلام هاءِ ڪورٽ کي خاطري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل آف پاڪستان گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ عدالت کي سمورن ماڻهن جي واپسي جو يقين ڏياريو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل ماڻهن بابت  ڪيس جي ٻڌڻي دوران 4 صفحن تي ٻڌل لکت وارو حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ اٽارني جنرل پاران گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ڏنل قسم نامي کي به حڪم جو حصو بڻايو ويو آهي. عدالتي حڪم موجب اٽارني جنرل قسم نامي ۾ چيو ته جيڪو به گم ٿي ويو آهي اهو پنهنجي خاندان وٽ ضرور واپس ايندو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل عدالت کي رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان يقين ڏياريندي ٻڌايو آهي ته زوري گم ڪيل ماڻهن بابت وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي سفارشون تيار ڪيون آهن، ڪابينا جي منظوري کانپوءِ سفارشون عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون. عدالتي حڪم موجب گم ٿيل ماڻهن بابت ڳجهن ادارن جي ڊي جيز تي ٻڌل ڪميٽي پاران ڊي جي آءِ بي اٽارني جنرل جي معرفت درخواست ڪئي، جنهن کي منظور ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي پنهنجي سيڪنڊ هاءِ ليول آفيسرن کي ميمبر بڻائي سگهن ٿي. جڏهن ته ڪميٽي ايف آءِ اي ۽ سي ٽي ڊي جي آفيسرن کي به شامل ڪري سگهي ٿي. آرڊر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل موجب گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي سياسي نموني حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. درخواست ڪندڙ وڪيل ايمان مزاري اٽارني جنرل کي 3 گم ٿيل شاگردن جي لسٽ ڏني. هاءِ ڪورٽ اميد ظاهر ڪئي  ته اٽارني جنرل ايندڙ ٻڌڻي تي انهن ماڻهن بابت آگاهه ڪندو. عدالت جي حڪم نامي ۾ ٻڌايو ويو ته اٽارني جنرل يقين ڏياريو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي جي مستقل حل لاءِ اعليٰ سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.