نصرالله گڏاڻي جا وارث ۽ تر جا ماڻهو  مضبوط ٿي بيھندا ته  سنڌ ساڻن گڏجي بيھندي:اياز لطيف

ملير(ڊ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو گلشن حديد ڪراچي ۾ مھراڻ ايسوسيئيشن فرم ڪيريئر ڪائونسل سيزن ۾ مھمان خاص طور شريڪ ٿيو.پروگرام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي اھڙن انجنيئرن جي ضرورت آهي جيڪي روزگار سان گڏ پنھنجي ماڻھن جي لاءِ جدوجھد ڪن ڪيترن سي ايس ايس ڪرڻ وارن مون سميت سڄي سنڌ کي مايوس ڪيو آھي،هن چيو ته ڪرپٽ حڪمران سنڌ ۾ تعليم، صحت،  روزگار، زراعت، صنعت، آءِ ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھين ٿا هن چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي جنازي ۾ ھزارين ماڻھو ھئا پر افسوس ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ شھيد جي امڙ سان صرف 15 ماڻھو ھئا جڏھن ته جنازي کان ڏھوڻ تي ماڻھون ھجڻ گھرجن ھا. نصرالله گڏاڻي جا وارث ۽ سندس علائقي جا ماڻهو  مضبوط ٿي بيھندا ته  سنڌ ساڻن گڏجي بيھندي اسان ساڻن گڏ ھونداسين. گڏاڻي جو ڪيس وارثن جي مرضي سان داخل ٿيڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.اقتدار خاطر پ پ حڪومت خاموش آھي ،هن چيو ته ملڪ جا وسيلا تين وال نه ڪيا وڃن. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن کي گرفتار ڪري معاشي سڌارا آندا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.