عوام جا سوال ۽ اڳواڻن جي بي نيازي

تحرير: نصرت جاويد

اپريل 2022 ۾ عمران خان جي حڪومت قومي اسيمبليءَ ۾ آندل بي اعتمادي  جي رٿ  سبب ختم ٿي وئي،تھ اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي واعدي موجب ’وڌيڪ خطري ناڪ‘ ٿي ويو.شھر شھر وڃي جلسن ۾ ”مير جعفر وصادق“ جي خلاف خطاب کانسواءِ ھن سوشل ميڊيا جي ماهراڻي استعمال ذريعي هڪ طاقتور بيانيئو ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو. ھن جي مخالف سياستدانن ان بيانيئي جي شدت ۽ دور رس اثرن تي ڌيان نه ڏنو.مان، بھرحال ان بابت مسلسل جبردار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو،جنهن سنجيدگيءَ سان مون عمران خان جي بيانيئي تي ڌيان ڏنو، ان پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي اڪثريت کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي ابتڙ، جن سياستدانن سان سالن جي صحبت ۾ دوستاڻا لاڳاپا پيدا ٿيا هئا، سي منهنجي رويي تي ناراض ٿيڻ لڳا. ذاتي ملاقاتن ۾ لڳاتار ياد ڏياريندا رهيا ته  اڳوڻي وزيراعظم  آگسٽ 2018 ع ۾ وزارت اعظميٰ جي عھدي سنڀالڻ بعد ٽي وي اسڪرينن کي جن ماڻھن کان ”پاڪ “ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو انھن ۾ منھنجو نالو فھرست ۾ اڳيان ھو.آڪٽوبر 2018ع ۾ بھرحال پھريون ڀيرو مونکي ڪنھن صحافتي اداري جي نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي. ان کان اڳ هميشه پاڻ ئي استعيفيٰ ڏيڻ جي عادت اختيار ڪيل هئي.ڪنھن  صحافتي اداري جي پاليسيءَ سان اختلاف وڌڻ شروع ٿئي وڃي ٿو ته پوءِ ڏوھ جو احساس بيزار ڪرڻ  لڳندو آهي ته حڪومت منهنجي بيباڪ تحريرن تي ناراض ٿي رھي آھي.جنھن اداري ۾ ڪم ڪريان ٿو اتي ڪم ڪندڙن جي ڪري معاشي مشڪلات جو شڪار ڪرڻ بجاءِ سنھڙي گھٽيءَ مان نڪري وڃڻ کي اوليت ڏني آھي.

ها، اپريل 2022ع ۾  لٿل حڪومت مونکي انتھائي ذلت واري طريقي سان ٽي وي اسڪرينن جي لاءِ ناقابل مقبول ڪري ڇڏيو ھو.زندگيءَ جي پوئين حصي جا ٽي سال وڌيڪ سختيءَ ۾ گذاريا. ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي اهو به چوڻ ضروري آهي ته منهنجي ’صحافت‘ ئي منهنجي ذلت آميز بيروزگاري جو سبب بڻي. پر تحريڪ انصاف جي حڪومت جي هٿان حساب چڪائڻ بعد بھ منھنجي صحافيءَ واري تجسس کي ختم نه ڪري سگهي.منهنجي صحافتي جبلت جي مهرباني سان ئي مان، اپريل 2022ع کان پوءِ ٿيل ضمني چونڊن کي ’لوٽن‘ خلاف ’ريفرنڊم‘ طور ڏسڻ جي قابل ٿيس.ان جو فائدو جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي بيانيئي کي ٿيو ته پوءِ ان جي لاءِ مان نه پر سياستدان ذميوارآهن، جن بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ڀانت ڀانت جي ڪاٺي گڏ ڪري حڪومت جوڙي ھئي.

ماضيءَ جي بيشمار واقعن ۾ ڦاسي پوڻ کان سواءِ،اڄ جي موضوع تي اچون ٿا،مونکي صرف ايترو چوڻو آهي ته اٽڪل ٻه هفتا کن اڳ مونکي رستي ويندي ملندڙ ماڻهن  اهو سوال پڇڻ ڇڏي ڏنو ھو تھ ’هاڻي ڇاٿيندو ؟ ڪيترا ئي ماڻهون مون کي سڃاڻڻ کان پوءِ به هٿ ملائڻ کان نه بيھندا ھئا، هلندي هلندي وڏي آواز ۾ ”سلام نصرت صاحب“ چوندي اڳتي وڌندا ويندا هئا. مان سندن رويي مان اندازو ڪرڻ شروع ڪيو تھ ماڻهن جي اڪثريت سياست کان لاتعلق ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي پنهنجي روزمره جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. گذريل هفتي جي شروعات کانپوءِ جيتوڻيڪ، اهو رويو "اوچتو” تبديل ٿي چڪو آهي.

ڪنهن ننڍي وڏي ڪم ڪار لاءِ بازار وڃان ٿو ته اتي ڪيترائي ماڻهو مون کي دڪانن جي اندر ۽ ٻاهر ڏسي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته عدليه سان جنھن انداز سان معاملا خراب ٿي رهيا آهن، ان جو انجام ڪھڙو ٿيندو. مان ايمانداري ۽ عاجزي سان ان سلسلي ۾ پنهنجي لاعلمي جو اعتراف ڪندو آھيان، ساڳئي وقت، اھا دعا بھ ڪندو آھيان تھ رياست جي ٿنڀن جي وچ ۾ جاري ان جنگاڻ جو نتيجو تخت يا تختو نھ ٿئي.حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته مون کان سوال پڇڻ وارن جي اڪثريت ”دعا خير“ ۾ حصو نه وجھندي آهي. تخت يا تختي جي خواهش رکي ٿي، اھو لکڻ جي همت ناھي تھ ڪنهن جو ’تختو‘ ٿيڻ  ڏسڻ چاهي ٿي.

ان عام رويي جا سبب اڃا تائين سمجهه ۾ نه آيا هئا ته تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن تي حملي جون خبرون باقاعده سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. ان جرئتمند حملي کان پوءِ جيڪي ماڻھون رستي ويندي ملندا آھن،اھي صحافي کان اصل واقعو ڄاڻڻ جا خواھشمند نھ آھن. ٻڌو آهي ته پنهنجي حملي آورن جي سڃاڻي پنھنجي طور تي ٿي وئي آھي. انتهائي عاجزي واري صحافتي تجسس کي استعمال ڪندي،مان انھن کان سمجھڻ چاھيان ٿو تھ ڪهڙن سببن جي بنياد تي رئوف حسن تي حملي جي ذميوارن جو تعين ٿي سگھيو آھي.ماڻھن جي ڪاوڙ واري رويي جي ڪري  اهڙن سوالن جي جوکم کي کڻڻ جي جرئت بھرحال نه آهي.

اٽڪل روز ملندڙ ڪامل اجنبي ماڻهن سان ٿيندڙ سرسري  ڳالهه ٻولهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي، جيڪڏهن مان انھن ڳالھين جو، ڪنهن ڪالم يا ٽي وي پروگرام ۾ذڪر ڪري وجھان تھ  مسلم ليگ (ن) جا سوشل ميڊيا وارا مون کي ”پوڙھو جيالو“ چوڻ لڳندا آهن ،انهن مان شايد ئي ڪو ماڻھو ان حقيقت کان به واقف ھجي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ شاگرد سياست ۾ مان سرگرم هئس ۽ ان ڪري  اڪثرعتاب جو شڪار رھيس. جنرل ضياءَ جي ڊگهي مارشل لا دوران پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪنن جيڪا مزاحمت ڏيکاري اها ساراهه جوڳي هئي. ان کي ويجهي کان ڏسڻ کان پوءِ، سينسر کان بچندي  ان جي رپورٽنگ ڪندو هوس. انگريزي اخبارن سان وابسته هئڻ ڪري، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي نظر ۾ مسلسل منهنجون ڪوششون اينديون رهنديون ھيون.

انھيءَ ڪري پنھنجي ٻنھي دورن ۾ محترمه بينظير ڀٽو اڪثر منهنجي لکيل ڪجهھ ڪالمن يا جملن تي ناراض ٿيڻ جي باوجود انھن کي نظرانداز ڪندي ھئي.مرحوم ضياءُ الدين جهڙن سينيئر صحافين سان گڏ ساڻس ملياسين ته هو دليلن سان پنهنجي رويي کي صحيح ۽ اسان جي راءِ کي غلط قرار ڏيڻ تي اسرار ڪندي ھئي. سندس شهادت کان پوءِ آصف علي زرداري صدر طور به ساڳيو رويو اختيار ڪيو، 2013ع کان پوءِ هن سميت پيپلز پارٽيءَ جا اهم اڳواڻن پڻ، آف دي رڪارڊ نه کليل نموني صحافين سان  بحث جا عادي نھ رھيا. ان سلسلي ۾ ٽي چار استثنا آهن. جيڪڏهن انهن جا نالا لکندس  ته پارٽي ۾ انھن لاءِ ڪا تڪليف ٿي سگھي ٿي.

مسلم ليگ (نواز) جي قيادت ۽ اهم اڳواڻن (هڪ يا ٻن ڄڻن کان سواءِ) صحافين سان ڳالهه ٻولهه جا عادي نھ آھن. پنھنجي ’حلقن‘ ۾ اهي طاقتور گروهن جا نمائندا ۽ ڪئمپ ليڊر به آهن. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اسلام آباد جي بازارن ۾ جيڪي اجنبي ماڻهون مون کي روڪي سوال ڪن ٿا سي انهن اڳواڻن تائين ڇو نه ٿا پهچي سگهن.

سوشل ميڊيا تي ان سوال جي مذاق اڏائڻ بدران ’پاسداران نواز شريف‘ جي ماڻھن کي گھڻي خلوص سان التجا آھي تھ ذڪر ڪيل سوال جي جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.انھن جي ڄاڻايل سببن تي گھڻي ڌيان سان غور ڪرڻ جو  مان واعدو ڪريان ٿو.

 

مسلم ليگ (نواز) جي قيادت ۽ اهم اڳواڻن (هڪ يا ٻن ڄڻن کان سواءِ) صحافين سان ڳالهه ٻولهه جا عادي نھ آھن. پنھنجي ’حلقن‘ ۾ اهي طاقتور گروهن جا نمائندا ۽ ڪئمپ ليڊر به آهن. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اسلام آباد جي بازارن ۾ جيڪي اجنبي ماڻهون مون کي روڪي سوال ڪن ٿا سي انهن اڳواڻن تائين ڇو نه ٿا پهچي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.