ايران خلاف ٿيندڙ جنگ خطي کان ٻاهر به ڦهلبي: پاسدارانِ انقلاب

ايراني انقلابي محافظن خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران خلاف جنگ مڙهي وئي ته اها رڳو علائقي تائين محدود نه رهندي، پر سڄي خطي تائين به پکڙجي ويندي.

ايراني انقلابي محافظن جو چوڻ آهي ته گذريل جنگ ۾ هنن پنهنجي سڄي سگهه استعمال نه ڪئي هئي.

سندن چوڻ هو ته جيڪڏهن ايران تي ڪا به چڙهائي ڪئي وئي ته ايران جون نيون علائقائي ۽ پرڏيهه تائين پهچ رکندڙ سگهاريون صلاحيتون به استعمال ڪيون وينديون.

پاسداران انقلاب اهو به چيو ته هو پنهنجي سگهه رڳو سماجي رابطن جي ذريعن تي کوکلن بيانن وسيلي نه، پر جنگ جي ميدان ۾ ڏيکاريندا.

هوڏانهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر ڏاڍ مڙهيو ويو ته جنگ دوران سکيل تجربن جي آڌار تي اڃا به وڌيڪ حيران ڪندڙ جواب ڏنا ويندا.

واضح رهي ته اسرائيل اڳ ئي چيو هو ته هو ايران خلاف امڪاني نئين جنگ جي تيارين ۾ آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران وٽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ رڳو ڪجهه ڏينهن بچيا آهن، نه ته آمريڪا ٻيهر فوجي چڙهائي ڪري سگهي ٿو.

اسرائيلي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سلامتي اجلاس گهرايو، جنهن ۾ فوج ۽ هوائي فوج جي اڳواڻن سميت اهم بچاءَ وارن عملدارن شرڪت ڪئي.

گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ايران تي امڪاني نئين آمريڪي حملي جي صورت ۾ اسرائيل جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.