ايران کي وڏو ڌچڪو ڏيڻو پوندو، ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ حملو ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار اچي ويا ته هو سڀ کان پهرين اسرائيل کي نشانو بڻائيندو. سندس چوڻ هو ته ايران تي ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن اندر حملو به ٿي سگهي ٿو ۽ ايران کي وڏو ڌڪ ڏيڻ ضروري آهي.

وائيٽ هائوس جي بال روم واري اڏاوتي ماڳ جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار اچي ويا ته پوءِ رڳو اهو سوال رهجي ويندو ته هو انهن کي پهرين منٽ ۾ استعمال ڪندو، پهرين ڪلاڪ ۾ يا پهرين ڏينهن ۾.

آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار ٿيا ته هو سڀ کان اڳ اسرائيل کي نشانو بڻائيندا ۽ اسرائيل کي تباهه ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. هن چيو ته انهيءَ ڪري ايران کي ايٽمي هٿيار رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وقت تمام محدود آهي ۽ ايران کي وڏو ڌڪ ڏيڻ ضروري بڻجي ويو آهي.

ٽرمپ خبردار ڪندي چيو ته شايد ايران تي ٻيهر حملو ڪرڻو پوي. هن چيو ته ايران تي ٻن کان ٽن ڏينهن اندر، شايد جمعي يا ڇنڇر تي، يا وري ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ حملو ٿي سگهي ٿو.

آمريڪي صدر اهو به ٻڌايو ته هو سومر ڏينهن ايران تي حملي کان رڳو هڪ ڪلاڪ پري هئا.

ان کان اڳ ٽرمپ چيو هو ته سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارتن ۽ ٻين ملڪن جي درخواست تي هن ايران تي ٿيندڙ حملو ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.