چنئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمن جي سپر اسٽار اداڪار رجني ڪانت جوزف وجي جي رياستي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ تامل ناڊو جو وڏو وزير ٿيڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب هڪ انٽرويو ۾ رجني ڪانت آخر ڪار انهن خبرن ۽ اڳڪٿين تي ردعمل ڏئي ڇڏيو. جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته رجني ڪانت وجي جي تامل ناڊوءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ رياست جو وڏو وزير ٿيڻ تي خوش ناهي.
رجني ڪانت چيو ته چونڊن جي حوالي سان هن مٿان تنقيد ٿي رهي آهي، جيئن جواب نه ڏيئي ته ڳالهين کي درست سمجهيو ويندو. هن چيو ته چونڊن جي نتيجن کانپوءِ هو تامل ناڊوءَ جي اڳوڻي وڏي وزير ايم ڪي اسٽالن سان مليو، جنهن تي هن مٿان تنقيد ٿي، حالانڪي هنن جي دوستي سياست کان مٿاهين آهي.
رجني ڪانت اهڙين افواهين کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته وجي جي وڏي وزير ٿيڻ تي هو ناراض يا حسد جو شڪار ٿي ويو آهي. ان حوالي سان اداڪار جو چوڻ آهي ته وجي جي ڪاميابيءَ تي فوري طور پهريون هن مبارڪ ڏني، هو ته سياست ۾ به ناهي پوءِ کيس وجي کان حسد ڇو ٿيندو؟
اداڪار مزاحيا انداز ۾ چيو ته شايد ڪمل حسن وڏو وزير بڻجي هان ته کيس حسد ٿي سگهيو پئي، وجي ۽ هن جي وچ ۾ ته 25 سالن جو فرق آهي، ان ڪري اهڙو مقابلو سٺو به ناهي.
ڪمل هاسن بابت اهڙي مزاحيا ڳالهه تي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. رجني ڪانت اهو به چيو ته وجي جي سياسي ڪاميابي جي خبر هن لاءِ حيران ڪندڙ هئي.