چين جو اسلام آباد ڳالهين ۾ اهم ۽ هاڪاري ڪردار رهيو:ايراني سفير

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين ۾ مقرر ايراني سفير عبدالرضا رحماني فضلي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هڪ ڳنڀير مامرو آهن، تنهن هوندي به چين اسلام آباد جي ٺاهه ڪرائڻ واري ڪوشش ۾ اهم ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو.

هڪ موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته چين عام طور تي تڏهن ئي ڪنهن ٺاهه ڪرائڻ واري عمل ۾ شامل ٿيڻ پسند ڪندو آهي، جڏهن سٺن نتيجن جي اميد موجود هجي.

ايراني سفير چيو ته هاڻوڪي ٺاهه ڪرائڻ وارو عمل حقيقت ۾ ايران، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گڏيل سهڪار ۽ سفارتي لاڳاپن جو نتيجو آهي، جنهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن زور ڀريو ته علائقائي امن ۽ ڳالهين واري عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل سفارتي ڪوششون اڻٽر آهن، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين ان ڏس ۾ هاڪارو ۽ اڏاوتي ڪردار نڀايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.