پي ٽي آءِ اڳواڻ سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪيو! پابندي مڙهيل شدت پسندن جي مبينا آڊيو وائرل

پابندي مڙهيل شدت پسندن جي هڪ مبينا آڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هدايت ڏني وئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبلي ميمبر آصف محسود کي هٿ نه لڳايو وڃي ۽ کيس وڃڻ ڏنو وڃي.

آڊيو ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته دهشتگرد ڪمانڊر ”بادشاهه“ ۽ ”راڪيٽي“ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن، جنهن دوران دهشتگرد ڪمانڊر بادشاهه چيو ته آصف محسود بابت غلط فهمي ٿي وئي آهي.

مبينا ڳالهه ٻولهه ۾ آصف محسود کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ معافي ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچايو وڃي.

ٻئي پاسي ان معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي آصف محسود چيو آهي ته هن جو انهن ماڻهن سان ڪو به واسطو ناهي ۽ نه ئي هو انهن کي سڃاڻي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ٿي آهي ته سندس ان سان ڪو به تعلق ناهي، هو رڳو پنهنجي علائقي وزيرستان ويو هو.

هن اهو به چيو ته انهن ماڻهن سان هن جو ڪو به واسطو ناهي ۽ کيس اها به خبر ناهي ته مبينا ڳالهه ٻولهه صحيح آهي يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.