سچ وڏو ڏوهاري آ

تحرير : زينت احمد

اسان جو معاشرو هاڻي اھڙي دڳ تي هلي پيو آھي جو اسان انسانن اصل ۾ پنھنجا فرض وساري ڇڏيا آھن جنھن ڪري معاشرو پڪڙي اونداهي جزيري تي اچي بيھي رهيو آھي. ان جي اصل سبب هي به آھي ته اسان جي استادن مان استادي نڪري وئي آھي استادي جي جڳهھ پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي.

اسان جي ڊاڪٽرن مان ڊاڪٽري نڪري وئي آھي ڊاڪٽري جي جڳهھ پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي.اسان جي جج مان انصاف ڪرڻ وارو عمل نڪري ويو آھي انصاف جي جڳھه نا انصافي، پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي.

اسان جي وڪيل مان وڪالت نڪري وئي آھي وڪالت جي جڳهھ پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي. اسان جي اديبن شاعرن مان عوامي درد نڪري ويو آھي ان جي جڳهھ ادبي عھدن اسٽيج جي لالچ فنڊن، وظيفن جي پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي اسان اديبن شاعرن کي بس رڳو ڪوڙي واه واه گهرجي معاشري ۾ ڇا برو ٿي رهيو آھي ان سان اسانجي اڄوڪن اديبن شاعرن جو ڪو تعلق ئي ڪونھي ، جيڪو انتھائي افسوس ناڪ عمل آھي.

هڪ خاص ڳالهھ ته اسان جي صحافين مان صحافت نڪري وئي آھي صحافت جي جڳهھ ڀوتارن وڏيرن پيرن ۽ وڏين وڏين ڪرسين تي ويٺل وڏن ماڻھن جي ڪمداري، چاپلوسي، چمچاگيري، پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي.

جيڪڏهن ڪو لکن ۾ هڪ اڌ صحافي سچ جو ساٿي ٿي بيھي ٿو ته هن تي سرعام گوليون وسائي کيس قتل ڪيو وڃي ٿو تازو ئي هڪ اھڙو واقعو ٿيو آھي هڪ سچي صحافي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي هڏڏوکي دلير انسان نصرالله گڏاڻي کي سچ چوڻ جي ڏوھ ۾ سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آھي.

اسان جي سنڌ پوليس ان شھيد جي ايف ۔ آءِ ۔ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي مطلب اسان جنھن خطي ۾ رهون پيا اهو خطو ڄڻ فرعونن جو ديس آھي جتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آھن باقي غريب جي حالت روزانو اجاڙ طرف وڃي رهي آھي اسان کي هن ظلم خلاف اٿي بيھڻ گهرجي جيڪڏهن اسان هن ظلم خلاف اٿي نه بيٺاسين ته هڪ هڪ ٿي ان ظلم جو شڪار ٿي وينداسين.

مان سموري سنڌ کي التجا ٿي ڪيان ته هن ظلم خلاف پنھنجو آواز اٿاريو جيئن مظلوم ڀاءُ شھيد نصر الله گڏاڻي جي وارثن سان انصاف ٿي سگهي.

 

اسان جي وڪيل مان وڪالت نڪري وئي آھي وڪالت جي جڳهھ پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي. اسان جي اديبن شاعرن مان عوامي درد نڪري ويو آھي ان جي جڳهھ ادبي عھدن اسٽيج جي لالچ فنڊن، وظيفن جي پئسن ۽ لالچ والاري ڇڏي آھي اسان اديبن شاعرن کي بس رڳو ڪوڙي واهه واهه گهرجي معاشري ۾ ڇا برو ٿي رهيو آھي ان سان اسانجي اڄوڪن اديبن شاعرن جو ڪو تعلق ئي ڪونھي ، جيڪو انتھائي افسوس ناڪ عمل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.