تعليم ذريعي ئي سنڌ جو مستقبل سنواري سگهجي ٿو

تحرير: عامر مهيسر

دنيا اندر ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ بنيادي طور چار شعبا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جن ۾ تعليم، صحت، امن وامان ۽ روزگار جا موقعا شامل آھن. اهي بنيادي شعبا ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جيتري حيثيت رکن ٿا. انهن شعبن منجهان تعليم جو شعبو سرفهرست آھي ڇو ته ٻيا شعبا تعليم جي ماتحت آھن. سنڌ اندر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان  صحت ۽ امان و امان جي خراب ۽ بدترين صورتحال آھي جڏهن ته روزگار جا موقعا پڻ اڻلڀ آھن. جيڪڏهن تعليم جي شعبي تي نظر وجهون ته معلوم ٿيندو ته تعليم جو حشر انهن ٽن شعبن کان خراب آھي ڇو ته تعليم جي شعبي ۾ پڙھائي جو رجحان گهٽ جڏهن ته ڪاپي ڪلچر جي رجحان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آھي.

سنڌ جي رڄڌاني شهر ڪراچي مان مهراڻ انجنيئرز فورم نوجوانن جي لاءِ ڏينهن رات فڪرمند نظر ايندي سموري سنڌ اندر مختلف پهلوئن تي سيشن ڪوٺائي سنڌ جي مستقبل شاگرد ۽ شاگردياڻين کي آگاھي ڏئي رھيو آھي، تازو 26 مئي تي مهراڻ انجنيئرز فورم پاران گلشن حديد ڪراچي ۾ نوجوانن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ 04 اهم موضوعن تي ڌيان ڏنو ويو:

”پرڏيھه ۾ نوڪرين جا موقعا، ڪاپي سسٽم جا نقصان، ڪمپيوٽر سائنس جي اھميت ۽ آن لائين ڪمائڻ جا ذريعا ھئا“اھڙي طرز جي ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن ڪرائڻ جو مکيا مقصد سموري علائقي ۽ شهر جي نوجوانن جي رهنمائيءَ سان آراسته ڪرڻ سان گڏوگڏ ته جيئن نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي ڪيريئر ۽ روزگار کي بهتر انداز ۾ هلائي سگهن ته جيئن سندن زندگي ۾ ڪا ڏکيائي پيش ڪين اچي سگهي، پنهنجي خاندان سميت محلي ۽ شهر واسين جي خدمت ڪري انهن جي به زندگي کي آسان بڻائي سگهن.

ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ انجنيئر ايڊووڪيٽ اياز لطيف پليجي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان مخاطب ٿيندي چيو ته نوجوانن جي سهڪار جي اهميت“ تي زور ڀريندي چيو ته نوجوانن جي سهائتا لاءِ هڪ خوشحال مستقبل جي اڏاوت ۾ اهم ڪردار جي ضرورت آھي. هن گڏيل تعليمي وسيلن، مشاورتي پروگرامن ۽ ڪميونٽي سپورٽ سسٽم سان نوجوانن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. انهن جي صلاحيت کي محسوس ڪرڻ ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي.جڏھن ته انجنيئر ڊاڪٽر دُر محمد سومرو چيو ته دنيا ڀرپور موقعن سان ڀريل آھي، سنڌ جي نوجوانن کي ان تحت پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو.

مهراڻ انجنيئرز فورم جي ميمبر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر انجنيئر پرھ ڀٽي ۽  شاڪر منگي ڪمپيوٽر سائنس جي اھميت تي ڳالهائيندي چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ آن لائين آمدني تي نوجوان ڪورس ڪري پنھنجن پيرن تي بيھي سگھن ٿا.

علائقائي سوشل ۽ تعليم سان لاڳاپيل عمير شاھد ۽ چيئرمين آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليجز ايسوسيئيشن سيد حيدر علي شاھ، علائقي جي سوشل ايڪٽوسٽ عبدالرسول بلالي ۽ محسن سيال سنڌ ۾ ڪاپي سسٽم جي ڪري پيدا ٿيل نقصانن ۽ سماجي اخلاقيات جي حوالي سان روشني وجهي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سمجهايو،

سيشن جي اختتامي خطاب مهراڻ انجنيئرز فورم جي باني انجنيئر ذوالفقار حامد منگي ڪندي چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ علمي ڄاڻ جي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ اهڙن پروگرامن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻو پوندو جنهن کي ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌائڻو پوندو، نوجوانن کي پنهنجي ڪيريئر جي رستي کي موثر انداز سان هلائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ مسلسل سهڪار ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي،  اڄ جو سيشن ڪراچي جي نوجوانن لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آھي. شرڪت ڪندڙن پاران ڏيکاريل جوش حقيقت ۾ اسان جي ڪميونٽي ۾ موجود صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو.”

جڏهن ته ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن ۾ آيل مهمانن کي سي اِي او ميمبر  انجنيئر ثناءُ الله سومرو، انجنيئر جهانگير، شھزاد ميمڻ، دودو خان ميراڻي، انجنيئر عبدالقادر سني ڀيو، انجنيئر سيف الله ناريجو، انجنيئر جواد پيرزاده، انجنيئر اياز ملڪ ۽ ٻين پاران سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائي مان بخشيو.

سيشن ۾ گلشن حديد ۾ رھندڙ ايم ۔اي۔ايف جي سينئير ميمبرز انجنيئر رحمان شاھ، انجنيئر قاضي منير، انجنيئر عبدالقدوس شيخ سميت وڏي انگ ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ ٿيون.

جڏهن ته انجنيئر صدام حسين ٻرڙو مهراڻ انجنيئرز فورم جي پريزنٽيشن کي پيش ڪيو جتي ايم اي ايف پاران انجنيئرنگ ڪميونٽي ۽ سنڌ سميت پاڪستان جي نوجوانن جي بهتري ڪيل مختلف منصوبن کي بيان ڪيو ويو۔ سينئر ميمبر ايم-اي-ايف ۽ سوشل ايڪٽوسٽ انجنيئر امتياز حسين لغاري ۽ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ انجنيئر پرھ سيد پروگرام جي ميزباني طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.