شھيد نصرالله گڏاڻي جو قتل، ڀوتارڪي راڄ خلاف للڪار

تحرير: عامر انصاري

سنڌ جو ڪو شهر، چوڪ، چپو، گھٽي ۽ اوڙو پاڙو منتقل گاھ بڻجي چُڪو آھي ھر ھڪ گھر ۾ روڄ راڙو متل آھي ڪيترائي ساھ کي جنھجوڙيندڙ ڀيانڪ واقعا اکين جي آڏو ڦري رهيا آھن جنھن جو ڪو اتو پتو ڪونه پيو پوي ته ھِن انڌير نگري جو آخر انت ڪڏهن ٿيندو جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آھي.

ڊگھي عرصي کان وٺي ھي رياست شاگرد، استاد، وڪيل، صحافي ۽ ھر مڪتبِ فڪر سان لاڳاپيل ماڻھن توڙي عورتن بندوق جي روز تي ھيسائي پيو وڃي جيڪي پنھنجي جائز حقن لاءِ جاکوڙيندي اڄ به روڊن رستن تي احتجاجي پيا ڪن سڄو مُلڪ لاقانونيت جي ور چڙهيل آهي ھاڻي ته ھِن مُلڪ ۾ سک جو ساھ کڻڻ، لڇڻ ڪڇڻ، سچ چوڻ، سچ ڳالهائڻ، ۽ سچ لکڻ عذاب بڻجي ويو آھي سچ ڳالهائڻ تي زبانن تي تالا لڳائي ھٿ ڪٽيا پيا وڃن ظالمن جي خلاف اڏول ٿي بيھي ڪري مھاڏو اٽڪائي سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي بيدري سان ماريو ۽ کنڀيو ٿو وڃي ميرپور ماٿيلي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي جوڌي صحافي، عوامي آواز جو رپورٽر شھيد نصرالله گڏاڻي جنھن کي وقت جي بدبودار ۽ ناسور بڻيل، ڀوتارن، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن ڳوليون کڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جيڪو ڀوتارن،  جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر ھيو جنھن وٽ ڪا ذاتي ملڪيت ڪونه ھئي پر ھا ھِن وٽ پنھنجي مسڪين، غريب ، مظلوم ماڻهن جو درد ضرور ھو جيڪو سدائين ھُن کي سڪون جي ننڊ ڪرڻ ڪونه ڏيندو ھو جيڪو سدائين در تتي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماروئڙن لاءِ ڀرجھلو ٿي بيھندو ھيو ۽ اُنھن ديس ڌڻين غريبن مسڪين ۽ لاچار ماڻهن جو آواز بڻجي اُنھن ڏکايل ماڻهن جون آھون، دانھون ڪوڪون فرش کان عرش تي پهچائڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو ھيو جيڪي اٻوجهه بي پھچ ماڻھو پيرن، ميرن، ظالم ڪرپٽ آفيسرن ڪامورن، حڪمرانن، ظالم وڏيرن، سردارن، ۽ جاگيردارن جي غلاميءَ جي پيسبا ھئا تن جو شھيد نصرالله گڏاڻي ساھ نڪ ۾ ڪري ڇڏيو رپورٽ موجب ٻڌايو پيو وڃي ته شھيد نصرالله گڏاڻي ميرپور ماٿيلو کان شھر ڏانھن رپورٽنگ سانگي وڃي رھيو ھو ته اچانڪ موٽر سائيڪل سوار ٽن هٿياربندن ڳوليون کڻي شديد زخمي ڪري وڌو جنھن سبب کيس فوري طور مقامي اسپتال نيو پھچايو ويو جتي گھربل سھولتون نه ھئڻ ڪري سندس جي طبيعت انتھائي نازڪ ٿي وئي نازڪ حالت کي ڏسندي رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ھِن کي آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽر تي رکيو ويو ڊاڪٽرن موجب ٻڌايو پيو وڃي ته ھٿياربندن کيس ڳوليون پيٽ ۾ ھنيون جنھن سبب جيرو، بڪيون، آنڊا ۽ ڦڦڙ پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو اِها درد ناڪ ڏکائيندڙ خبر جڏهن باھ وانگر سڄي سنڌ ۾ تيزيءَ پکڙجي ويئي ته چوطرف ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وارا منظر سامھون اچي ويا اُن وقت سموري سنڌ سمنڊ جيان اُٿل پٿل ۾ پئجي وئي مختلف تنظيمن جا ماڻهو نٽڻ اُس ۾ روڊن رستن تي احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن لاءِ نڪري آيا جنھن ۾ سول سوسائٽي، صحافي، استاد، شاگرد، وڪيل، شاعر اديب ۽ ڪيترن ئي شعور وند ماڻهن پاڻ ملهايو سڄي ۾ سنڌ ۾ قاتلن جي گرفتاريءَ جا پڙاڏا گونجي رھيا ھئا.

شھيد نصرالله گڏاڻي جي لاءِ احتجاج ڪندڙ شعور وندن حڪومت تي زور وجھي حڪومت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون جنھن سبب حڪومت پاران ايئر ايمبولينس جي گھر ڪئي وئي جيئن نصرالله گڏاڻي کي ڪراچي آغا خان اسپتال منتقل ڪري بھتر کان بھتر علاج ڪري جان بچائي سگھجي سڄي سنڌ جي احتجاجن جي ردعمل کانپوءِ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ نوٽيس وٺندي زخمي ٿيل نصرالله گڏاڻي لاءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست ڪيو پر حيرت جھڙي ڳالھه آھي ته جيڪا ايئر ايمبولينس ٿڏي تي پھچڻ کپي ھا اُھا رات جو ھڪ وڳي تائين به ڪونه ملي سگهي جيڪڏهن ٿڏي تي اھڙا انتظام ڪيا وڃن ھا ته اڄ شھيد نصرالله گڏاڻي جھڙا بھادر صحافي اسان جي وچ ۾ موجود ھجن ھا ھوڏانھن وري واقعي کي نظر ۾ ڏسندي وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس کي حڪم ڏنو ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ ڪري قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي پر ھِن وقت پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو.

سمجھه  ۾ ڪونه  پيو اچي ته پوليس پنھنجا ڊگھا ھٿ ڪٽرائي ڇڏيا آھن جنھن ڪري قاتل پوليس جي پڪڙ ۾ ناھن اچي سگهيان اسان سمجهون ٿا ته نصرالله گڏاڻي جي قتل جي ذميوار حڪمران کي آھي جنھن کي سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو حڪومت ملي آھي جيڪا پنھنجو پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ سمجھي رھي آھي اڳ به ۽ ھاڻي به ثابت ٿي چُڪو آھي ته پيپلزپارٽي جي محبت سنڌ جي عوام سان ڪاريھر نانگ جيان آهي جنھن کي جيترو به کير پيئاري پالجي آخر ڏنگ هڻندو نانگ جي فطرت ۾ ڏنگڻ شامل آھي اُنھيءَ طرح پيپلزپارٽي ۽ اُن جا پاليل چمچا ڀوتار، پير، مير، وڏيرا، جاگيردار، ۽ سردار به ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن جيڪي سنڌي قوم کي لٽي ڦري ۽ تباھ ڪيو آهي جيڪي سنڌ جي حقن جي استحصالي ڪري سنڌ جي وسيلن ڀينگ ڪئي آھي سنڌي قوم کي غلام بڻائي رڳو بک بدحالي کانسواءِ ٻيو ڪجھه  ناھي ڏنو امير سنڌ جا غريب ماڻھو پنڻ تي مجبور ٿي پيا آھن بيروزگاري ڪوڙھ جيان غريب ماڻھن کي وڪوڙي وئي آھي بک بدحالي سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رھيا آھن مائرون پنهنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور آھن ھِن ظلم جي ڪڙي صرف ۽ صرف پيپلزپارٽي آھي جنھن ڀوتارن کي ڄڻ قتل گيري جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آھي شهيد نصرالله گڏاڻي جو قتل سنڌي قوم جي مسڪينن، غريبن ۽ مظلومن جي آواز جو قتل آھي اڳ به اھڙا ڪيترائي بھادر ۽ بيباڪ ارڏا صحافي ظلم جي خلاف مھاڏو اٽڪائي شھيد ڪيا ويا آھن جنھن ۾ جان محمد مھر، غلام اصغر مرکنڊ، عزيز ميمڻ، اشتياق سوڍڙو، ناظم سجاول جوکيو، اجئي لالواڻي، ذوالفقار علي مندراڻي سميت ڪيترائي شامل آھن جيڪڏھن سمورن صحافين ذڪر ڪبو اُھو غلط نه هوندو جيڪي پنھنجي جان پرواهه نه ڪندي حق سچ جي راھ تي ھلي رھيا آھن ساڳي ئي پاسي ڪجھه  اھڙا صحافي اسان وٽ موجود آھن جيڪي صحافت جي آڙ ۾ پوليس جي دلالي ۾ پورا آھن ته وري ڪي صحافي وڏيرن، ڀوتارن جي اوطاقن ۽ محلفن ۾ شراب پي ڪري رنگ رليون رچائيندا رھندا آھن ٽڪي تي پنهنجو ايمان کپائڻ ۽ پئسو ڪمائڻ ۾ ڪونه ڪيٻائيندا آھن ھنن لاءِ صحافت زندگيءَ جي عيش عشرت ۽ ڪاروبار جي مثل آهي جن صحافت جھڙي عظيم پيشي کي سماج ۾ ايڏو ته ذليل و خوار ڪري ڇڏيو آهي جو صحافت جو نالو وٺڻ به عيب سمجهيو وڃي پيو جيڪڏهن اڄ صحافت ڏانهن نظر ڦيرائي سگهنداسين ته اسان کي اھڙا ڪجھه  بھادر سچا ۽ ايماندار صحافي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملندا باقي ڪجهه اھڙا صحافي صحافت جي اوٽ ۾ ڇپر ڇانو بڻجي  ڏوھارين ، منشيات فروشن ، پوليس جي دلالي، ڪرڻ ، ايم پي اي، ۽ ايم اين جي جا گيت ڳائڻ ۾ پورا آھن  اُھو ئي سبب آھي جو اڄ ايماندار سچو کرو صحافي اڪيلي صف ۾ رھجي وڃي ٿو جنھن سبب موقعي پرست ماڻهو سنڌ جي صحافين جو جيئڻ مقتل گاهه ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جڏهن ته صحافت جو ڪم صحافتي ادارن ۾ درپيش مشڪلاتن، مسئلن، ڌمڪين ۽ زندگي کي درپيش خطرن متعلق قوم ۽ دنيا کي آگاهه ڪرڻ هوندو آهي جيڪي پنهنجي فرض جي ادائگي ڪندي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ۽ اُنھن  مان ڪيترائي صحافي حق سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ جيل ڪاٽي رهيا آھن 2018ع جي ڪميٽي ٽو پروڊڪيٽ جرنلسٽ رپورٽ مطابق پوري دنيا ۾ ڪل 59 صحافي پنهنجو فرض ادا ڪندي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ صرف هِن سال جي 5 مهينن ۾ لڳ ڀڳ 5 صحافين کان مٿي قتل ٿيا آهن جڏهن ته 1992 کان هِن وقت تائين ڪل 1304 صحافي ماريا ويا آهن جڏهن ته 60 صحافي لاپتا آهن جنھن جو ھِن وقت اتو پتو پئجي ناھي سگھيو جنهن کان علاوه ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايل صحافين جو تعداد 251 کان مٿي آهي سنڌ حڪومت پاران جيڪو صحافين جي تحفظ لاءِ بل پاس ڪيو اُن بل تي ھِن وقت تائين ڪوئي عمل ناھي ٿي سگھيو اُھو بل ھِن وقت به رديءَ جي ٽوڪري ۾ پيل آھي  ضرورت اِن ڳالهه جي آھي شھيد نصرالله گڏاڻي جي جان بچائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوششون ورتيون ويون پر افسوس جو ھتان جي رياست کي اِھو قبول ڪونه ھيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي بچي اسان سمجهون پيا ته ڄاڻي واڻي ھِن رياست  شھيد نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪيو آهي پر اِها ھڪ اسان لاءِ فڪر جھڙي ڳالھه آھي ته ھِن ھميشه مظلومن، مسڪينن ۽ غريب ماڻھن سان آخر تائين بيٺو رهيو ۽ ھميشه پنھنجو ڳاٽ اوچو ڪري ڀوتارن خلاف اٽڪائي للڪاري شھادت ماڻي غريب، مسڪين ۽ مظلومن ماڻهن لاءِ ساھ ڏئي ويساھ بحال ڪيو شھيد نصرالله گڏاڻي جي بھادري ۽ جرئت کي سلام پيش ڪجي ٿو اڄ ھو اسان وٽ جسماني طور موجود ناھي پر تاريخ ھميشه ھُن کي امر بڻائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.