شهيد نصرالله هميشه سردارن کي للڪاريو: امڙ

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) عوامي آواز جي ٽيم شهيد نصرالله گڏاڻي جي  جيجل امڙ سان تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ھن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي پنهنجي پٽ تي فخر آهي جنهن مظلوم ماڻهن جو ساٿ ڏنو ۽ جاگيردارن سردارن کي للڪاريندو رھيو ۽ ڪڏهن وڏيرن جي آڏو جھڪيو ڪونه مون چيو ته منھنجا پٽ پاڻ مسڪين ماڻهو آھيون ھتي جا سردار وڏا ظلم آهن پر منهنجو پٽ ھميشه اھو ئي چوندو ھو سردار وڏيرا مائي فٽ ۽ پنهنجي پٽن کي پڻ اھا ئي نصيحت ڪندو هو، نصرالله گڏاڻي جي امڙ جو چوڻ هو ته پوليس خون لوڙهڻ چاھي ٿي جنهن ڪري ملڪ ذات جي ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو اٿس ۽ اڄ ھڪ ملڪ جي ٻارن کي کڻي وڃڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن انھي ملڪ سان اسان جي پٽ جو ويھه سال پراڻو واسطو آهي ۽ اھو اسان جي ٻچن جو مالڪ ۽ اسان انھي جي ٻچن جا مالڪ آھيون اسين گھوٽڪي پوليس کي ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪيون ته خدارا منهنجي شھيد  پٽ نصرالله جا اصل قاتل گرفتار ڪري منهنجي پٽ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي،ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي پٽ کي ڇھن ٻارن جو اولاد آهي جنهن ۾ چار پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد اٿس منھنجو پٽ غريب ھيو سندس وٽ پنهنجي رھڻ لاءِ گھر به نه ھيو ھو پنهنجي ڀاءُ جي گھر ۾ رھندو ھو ، نصرالله گڏاڻي جي پٽ چيو ته مان وڏو ٿي بابا وانگر صحافي ٿيندس ۽ مظلوم غريب ماڻهن جي خدمت ڪندس،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.