سنڌ ۾ سرڪاري آفيسرن پاران اڻ رجسٽرڊ گاڏيون هلائڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ سرڪاري آفيسرن پاران غير رجسٽرڊ ۽ نجي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽ لڳائي هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اهڙو انڪشاف چيف سيڪريٽري سنڌ پاران سمورن کاتن کي موڪليل خط ۾ ڪيو ويو آهي.چيف سيڪريٽري سنڌ پاران جاري ڪيل خطن موجب سرڪاري آفيسر به سرڪاري نمبر پليٽ سان پرائيويٽ گاڏيون هلائي رهيا آهن، اهو وڏو ڏوهه آهي.خط ۾ سنڌ جي سرڪاري آفيسرن پاران غير رجسٽرڊ گاڏين تي به سرڪاري نمبر پليٽس لڳائي گاڏيون هلائڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي،خط ۾ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.