ڪي اليڪٽرڪ اجتماعي سزا جو نظام لڳائي ڇڏيو آهي: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ اجتماعي سزا جو نظام لڳائي ڇڏيو  آهي، ڪنهن به ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار تيار نه آهن ڪنهن هڪ جي سزا پوري معاشري کي نٿي ڏئي سگهجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعيد غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن  ڪوبه بجلي چوري ڪري ٿو ته ان کي گرفتار ڪريو، ايف آءِ آر داخل ڪرايو، بجلي ڪٽي ڇڏيو، اهو ڪهڙو طريقو آهي ته هڪ ماڻهو بجلي چوري ڪري ته پوري پاڙي جي بجلي بند ڪري ڇڏيو.هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن هڪ جي سزا پوري معاشري کي نٿي ڏئي سگهجي پر احتجاج ڪندڙن تي به ڪي اليڪٽرڪ وارن ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.