ناليواري تعليمي ماهر ۽ ليکڪه ثريا مخدوم مٽي ماءُ حوالي

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) لاڏاڻو  ڪري ويل سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر، سياسي، سماجي شخصيت ثريا مخدوم جي جنازي نماز سندس اباڻي  ڳوٺ درٻيلو ۾ ادا ڪئي وئي،جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،ثريا مخدوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن کان علاوھ زندگي جي هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪري ڀيٽا پيش ڪئي،  ھوڏانھن ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ سيد اصغر شاھه ۽ ٻين سندس تڏي تي پھچي وارثن سان ڏک جو اظھار ڪيو، ٻئي پاسي  سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا پاران سنڌ ڌرتي  جي بھادر نياڻي ، سنڌي ٻولي  جي باشعور سرجڻھار جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪيو آھي  ،  ھن سياسي، سماجي، علمي، ادبي ميدانن ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هوءَ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني ميمبرن مان هئي.عورتن جي بنيادي حقن خاطر جهدوجهد ڪندي سڄي زندگي گذاريائين،هن سدائين سنڌ لاءِ ڏيهھ توڙي پرڏيهھ ۾ هڪ مضبوط موقف رکندي هئي .ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ميڊم ثريا مخدوم سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا جن ۾ سال 2010ع واري مها ٻوڏ جي ستايلن جي سهائتا پڻ خاص طور تي شامل آهي. ھن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ھيومن رائٽس ڪميشن جنيوا ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪيائين. ڪيتريون گڏجاڻيون ۽ سيمينار ڪرائي سنڌ ۾ وفاق پاران ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز اٿاريائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.