پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا

حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان )سنڌ ڄائي معصوم نياڻي پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه بچا يونين سکر پاران پريا ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جنهن جي اڳواڻ صدر مسعود بنڌاڻي، مصدق، مزمل ۽ ٻين ڪئي. ٻئي  طرف نوابشاهه ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، زبير احمد جتوئي، رحيم بخش کوسو، عبدالمجيد سيال، اڪبر سوڍر، ارشاد خاصخيلي، مختار سنڌي، بابر مغيري ۽ ٻين احتجي مظاهري جي اڳواڻي ڪئي. هوڏانهن موري ۾ به پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻن سردار حاجي خان سمون، اصغر زرداري، اصغر عالماڻي، اڪبر جلباڻي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته ۾ سيتا سرجڻهار فورم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي  فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين ڪئي. احتجاجي مظاهرو ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت ٻيون ڪيتريون ئي نياڻيون گذريل ڪيتري عرصي کان وڏيرن ۽ سردارن جي قيد ۾ آھن، سنڌ جون معصوم نياڻيون غير محفوظ بڻجي ويون آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته معصوم پريا ڪماري کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.