سکر/ پنو عاقل (رپورٽ:آزاد مهر+رستم انڍڙ) پنوعاقل شهر جي مهراڻ ڪالوني مان 6 ڏينهن اڳ گهر ۾ ڌاڙي بعد اغوا ٿي ويل معصوم نينگر محمد حسين آرائين بازياب ٿي گهر پهچي ويو، ڊي آءِ جي سکر سيد پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي سکر امجد شيخ نينگر کي کڻي پنوعاقل پهچي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، نينگر گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي، ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي سکر امجد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي جي رضا ڳوٺ واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي بعد معصوم نينگر محمد حسين آرائين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، نينگر مٿان ڏوهارين جون عورتون پهريو ڏئي رهيون هنيون جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، نينگر کي مهر ۽ خروش گينگ وٽان آزاد ڪرايو ويو آهي، معصوم نينگر کي اغوا ڪندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي، هنن چيو ته سکر ڊويزن مان اغوا ٿيل ٻين مغوين کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو. ڏوهارين کي ڪنهن به قيمت تي بخش نه ڪيو ويندو، ڏهارين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويندي، جيڪو به ڏوهاري هوندو هو جيل ۾ ريل ۾ يا ويل ۾ هوندو، قبيلائي جهيڙن سان پوليس جو ڪو به واسطو نه آهي.