آءِ ايس آءِ سربراهه کي چئو ته پاڻ مٿان اغوا جو ليبل هٽائي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شاعر احمد فرهاد جي مبينا جبري گمشدگي بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران بچاءَ واري وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته احمد فرهاد آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ وٽ ناهي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ طرف چون ٿا ته جيڪڏهن درخواست واپس ورتي وڃي ته شاعر واپس ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن انڪار ڪن ته چون  ٿا ته اسان وٽ شاعر ناهي.ادارا جيڪو ڪري رهيا آهن ان جي سزا سڀني کي ڀوڳڻي آهي،گهرو ۽ دفاع جا سيڪريٽريز پيش ٿين ان کانپوءِ وزيراعظم بعد ۾ وفاقي ڪابينا جا ميمبر به عدالت ايندا،جسٽس محسن ڪياني رمارڪس ڏنا ته بچاءَ واري وزارت جي نمائندي جي بيان مان لڳي ٿو ته معاملو آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس جي هٿن مان نڪري ويو آهي،انهن پنهنجي ناڪامي ظاهر ڪئي آهي، هن چيو ته هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي ته ايجنسيون هن ملڪ کي هلائينديون يا هن ملڪ کي قانون موجب هلڻو آهي.هن چيو ته ملڪ جي ٿاڻن جا رجسٽرڊ جبري گمشدگين سان ڀريل آهن، عدالت کي ٻڌايو وڃي ته انهن مان ڪيترا بازياب ٿيا آهن، آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ هڪ گريڊ 18 جو ملازم هوندو، هن کي پنهنجي اوقات ۾ رهڻ ڏيو، ملڪ هن کان بغير به هلي ويندو،محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته جبري گمشدگين واري معاملي تي وزيراعظم کي به طلب ڪيو ويو پر بظاهر ڪو به فرق نه پيو. هن چيو ته ان حوالي سان رڳو پيش رفت اها آهي ته جڏهن وزيراعظم کي طلب ڪيو ويندو آهي ته ان ڏينهن يرغمالي بازياب ڪرايو ويندو آهي يا هو گهر پهچي ويندو آهي،عدالت احمد فرهاد جي مبينا گمشدگي بابت داخل درخواست تي بچاءَ واري سيڪريٽري کي اڱاري تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، جڏهن ته گهرو سيڪريٽري کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي آءِ ايس آءِ جي سربراهه سيڪٽر ڪمانڊر  جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. ٻڌڻي دوران ايمان مزاري عدالت کي ٻڌايو ته احمد فرهاد جي گهر واري عروج زينب کي واٽس اپ ڪال آئي جنهن ۾ چيو ويو ته عدالت ۾ درخواست واپس وٺي ۽ بيان ڏي ته احمد فرهاد پنهنجي مرضي سان ويو آهي، پوءِ فرهاد ڇنڇر تي واپس اچي ويندوان تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته مون کي ماڻهو آءِ ايس آءِ مان کپي،ڊي جي آءِ ايس آءِ کي ٻڌايو ته همراهه هر صورت ۾ کپي هڪ شخص کي اغوا ڪري رکيو ويو آهي، پنهنجي مٿان اغواڪار جو ليبل هٽرايو، بچاءَ وارو سيڪريٽري پيش نه ٿيو گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين. هن چيو ته جيڪي اغوا ٿين ٿا انهن تي ڇا گذري ٿي،انهن کي ئي خبر آهي، ڊڄو ان وقت کان جڏهن سڀ اغوا ٿي وڃن.

  1. احمد فرهاد کي اسٽيبلشمينٽ خلاف لکڻ تي ڌمڪيون مليون: گهرواري

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) مبينا طور تي گم ٿيل شاعر احمد فرهاد جي زال عين نقوي بي بي سي کي ٻڌايو ته سندس مڙس کي گذريل ٻن  سالن کان سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن کيس چيو ويو ته هو فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مفادن لاءِ لکڻ بند ڪري ٻي صورت ۾ هن جي حق ۾ سٺو نه ٿيندو.عين نقوي چيو ته ان دوران سندس مڙس کي ٽن ٽي وي چينلن تان برطرف ڪيو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ سان واسطو رکندڙ ماڻهو انهن ٽي وي چئنلز جي مالڪن تي دٻاءُ وجهندا هئا ته احمد فرهاد کي سوشل ميڊيا تي سندس باري ۾ لکڻ کان روڪيو وڃي.

  1. ڪيچ مان ٻن ڏينهن دوران بزرگ شخص سميت 7 ڄڻا گم

ڪوئيٽا (م ڊ)بلوچستان جي ڪيچ ضلعي مان ٻن ڏينهن دوران سڪيورٽي فورسز 65 ورهين جي بزرگ سميت 7 ڄڻن کي گم ڪري ڇڏيو. گم  ٿيل ماڻهن مان 4 جو تعلق آپسر، ٻن جو ميري قلات ۽ بزرگ شهريءَ شڪاري چاچا عبدالرحيم تمپ جو رهواسي آهي. 15 مئي تي رات 11 وڳي تربت جي ڳوٺ ميري قلات مان ٻه ڀائر قدير سجاد ۽ صغير سجاد گم ٿي ويا. ميڊيا الزام ڳالهائيندي سندن ڀيڻ الزام هنيو ته سي ٽي ڊي سندن گهر تي ڇاپو هڻي ٻن ڀائرن کي حراست ۾ ورتو. ڪجهه دير کانپوءِ قدير سجاد کي آزاد ڪيو ويو پر صغير کي نه ڇڏيو ويو. آپ سر ڊن سر جي رهواسي طارق دائود ڇنڇر جي شام ڪجهه عورتن سان گڏ تربت پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سي ٽي ڊي ۽ ٻين فورسز 17 مئي تي سندس پٽ صالح طارق ۽ مائٽن وسيم حسن، امتياز اقبال ۽ اعجاز شيران کي رات جو ننڊ مان اٿاري گهران کنڀي ويا. هن ٻڌايو ته چارئي نوجوان 16 کان 20 سالن جي وچ ۾ آهن ۽ ايراني سرحد کان تيل جو ڪاروبار ڪندا آهن. طارق دائود چيو ته جبري گمشدگين تي سي ٽي ڊي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو. ڇو ته کيس ڊپ آهي ته سي ٽي ڊي اسان جي ٻارن کي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ قتل نه ڪري ڇڏي. لاپتا صالح طارق جي ڀيڻ چيو ته منهنجو ڀاءُ صالح ڊرائيور آهي، جيڪڏهن مٿس ڪنهن قسم جو الزام آهي ته کيس ۽ ڏوهن جا عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ڏوهن جا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن، جنهن سبب کيس نشانو بڻايو ويو آهي. گم ٿيل وسيم جي ڀيڻ جو چوڻ هو ته وسيم کي رات 1.30 وڳي گهر مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن جو اسان سڀني گهروارن ڏٺو. اسان کي ڊپ آهي ته سي ٽي ڊي انهن کي ڪوڙي مقابلي ۾ بالاچ، مولا بخش ۽ ٻين وانگر قتل نه ڪري ڇڏي. هنن چيو ته چئني نوجوانن کي ٻن ڏينهن ۾ بازياب نه ڪيو ويو يا کين عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ته هو سي پيڪ ايم 8 هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي تربت ڪراچي ۽ تربت ڪوئيٽا روڊ بلاڪ ڪندا، جنهن جي ذميواري سي ٽي ڊي ۽ انتظاميه تي هوندي.

  1. ججن کي هوائي فائرنگ بند ڪرڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالتون رڳو سوال اٿارڻ تائين محدود ٿي وينديون ته فيصلا ڪير ڪندو؟جج صاحب  جو اهو ڪم ناهي ته ان قسم جون تقريرون ڪري، اڳتي وڌڻو آهي ته گڏجي ويهو،هر ادارو پنهنجي حدن ۾رهي،هن چيو ته  احمد فرهاد جو اغوا افسوسناڪ عمل آهي، هو بازياب ٿيڻ گهرجي، ججن جي هوائي فائرنگ بند ٿيڻ گهرجي،هڪ غيرحاضر ڌر جي باري ۾ رمارڪس نه ڏيڻ گهرجن ،هن چيو ته  وزيراعظم،صدر، چيف جسٽس،ادارن ۽ ايجنسين جا ڪرتاڌرتا گڏ ويهن،رمارڪس ۽ پاڻمرادو نوٽيسز سان معاملا خراب ٿين ٿا

  1. گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ٻن ڀائرن سميت 15 گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ درخواستن  جي ٻڌڻي ڪئي. جاچ آفيسرن پاران روايتي رپورٽون پيش ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهرين جي ڳولا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي توڙي شهري پاڻ هليا ويا هجن يا گم ڪيا ويا هجن. عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن عدالت چيو ته روايتي طريقي سان مطمئن ناهيون ماڻهو بازياب ڪيا وڃن، عدالت پوليس، سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي چئن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ڪجھ چوڻ چاھيو ٿا؟ عدالت گم ٿيل شهري معاذ ۽ طلحه جي ماءُ کان پڇا ڪئي. ماءُ جو چوڻ آهي ته ٻئي پٽ 12 سالن کان گم آهن، هاڻي بازيابيءَ جون درخواستون به بي معنيٰ بڻجي ويون آهن، فوڪل پرسن چيو ته ٻنهي ڀائرن جي جبري گمشدگي طئه ٿي وئي آهي معاوضي جي سمري به منظور ڪئي وئي آهي. درخواستگذارڻ جو چوڻ آهي ته مون کي حڪومت طرفان معاوضو نه منهنجا پٽ واپس گهرجن، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري محمد حنيف خلاف 4 ڪيس داخل ٿيل آهن. جاچ آفيسر چيو ته محمد حنيف خيرپور ويندي قاضي احمد مان پوليس جي حراست مان فرار ٿي ويو هو. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڪٿي به هجي تلاش ڪري پيش ڪيو وڃي. عدالت جي آءِ ٽي ۽ ٽاسڪ فورس اجلاس جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.

  1. فوج، وزيراعظم ۽ ڪابينا کي گهرائڻ عدالتن جو مينڊيٽ ناهي

اسلام آباد ( بيورو) قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته احمد فرهاد گمشدگي ڪيس ۾ عدالت جو بيان آهي ته جيڪڏهن پاڪ فوج جا اعليٰ آفيسر مطمئن نه ڪري سگهيا ته وزيراعظم ۽ سموري ڪابينا کي عدالت ۾ آندو ويندو، اهو عدالتن جو مينڊيٽ ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته احمد فرهاد جي مبينا گمشدگي بابت ميڊيا ۾ آيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ريمارڪس مون کي ڏک پهتو آهي.  پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته جبري گمشدگين جو مسئلو اڄ جو ناهي، پاڪستان گذريل 4 ڏهاڪن کان ان مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ان جو وڏو سبب پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جنگ هئي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ اختيارن جي استعمال جا ضابطا قائم ڪيا ويا آهن. انتظاميا جو ڪم امن امان کي برقرار رکڻ آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهن جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته عدالت وڃي سگهن ٿا. هن چيو ته جڏهن گمشدگيءَ جي درخواست داخل ڪئي ويندي آهي ته عدالت ان کان جواب طلب ڪندي آهي، ان تي سنجيدگيءَ سان جواب ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي، جيڪڏهن اهو معاملو حل نه ٿيو ته پنجاهه، سٺ سالن کان اهو ئي قانون آهي پوءِ ذميواري پوليس جي حوالي ڪئي ويندي آهي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي ته جيئن انهن کي بازياب ڪري معاملي جي جاچ ڪئي وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته احمد فرهاد جي گمشدگي واري ڪيس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ وضاحت ڪئي ته بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ موجب احمد فرهاد سندن ڪنهن به اداري جي تحويل ۾ ناهي.هن وڌيڪ چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي اهو به ٻڌايو ته جڏهن کان ايف آءِ آر داخل ٿي آهي، وفاقي حڪومت پوليس کي هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. ان جي باوجود هي چوڻ ته ان طريقي سان مسئلو حل نه ٿيندو، سيڪريٽري صاحب کي اچڻ گهرجي، جيڪڏهن هو مطمئن نه ڪري سگهيو ته پوءِ پاڪ فوج جا اعليٰ آفيسر اچن،  جيڪڏهن هو مطمئن نه ڪن ته هتي وزيراعظم ۽ سڄي ڪابينا کي ويهنداسين، اهو عدالتن جو مينڊيٽ ناهي. وفاقي وزير چيو ته آئين جو آرٽيڪل 248 وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي عدالتي ڪارروائي کان تحفظ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪابينا جو اجلاس هتي منعقد ڪرڻ پارليامينٽ ۽ ڪابينا جي آئيني ڪردار کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته عدالتن جو ڪم آئين ۽ قانون موجب انصاف فراهم ڪرڻ آهي. ”چڱو آهي ته عدالتي حڪم ذريعي جيڪو به حڪم پاس ڪيو وڃي“.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.