سپريم ڪورٽ ۾ 3ججن جي مقرريءَ لاءِ 7 جون تي اجلاس طلب

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ ۾ 3 ججن جي مقرريءَ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو  اجلاس 7 جون تي طلب ڪيو ويو آهي.  جڊيشل ڪميشن 3 ججن جي مقرريءَ لاءِ 9 ججن جي نالن تي غور ڪندي، جن مان لاهور هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 ججن جي نالن تي غور ڪيو ويندو.  لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي نالي تي به غور ڪيو ويندو. واضح رهي ته هلندڙ مهيني چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جي رولز ۾ ترميم بابت جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ججن جي مقرري موجوده رولز تحت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

  1. نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت هلائڻ لاءِ درخواست

اسلام آباد (بيورو) خيبرپختونخواه حڪومت نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست  داخل ڪري ڇڏي آهي. ڪي پي جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ڪوثر علي شاهه پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بئنچ ون سان عوامي مفادن جي ڪيسن جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪئي ويندي آهي پر نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي لائيو نشر نه ڪئي وئي. ٻڌڻي لائيو نشر نه ڪرڻ امتيازي سلوڪ آهي. ان لاءِ سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمي ڪيس جي ٻڌڻي لائيو نشر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.