ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ امڪاني هيٽ ويو کي نظر ۾ رکندي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن. ثانوي تعليمي بورڊ جي اعلان موجب 21 کان 27 مئي وچ ۾ ميٽرڪ بورڊ جا پرچا نه ٿيندا جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.تعليم کاتي جي وزير جي حڪم تي ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ ميٽرڪ بورڊ جا امتحان 29 مئي کان شيڊول موجب ٿيندا.