پاڪستان ۾ اڄ سوڳ، صدر ۽ وزيراعظم پاران تعزيت جو اظهار

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان حڪومت ايراني صدر سان پيش آيل حادثي تي اڄ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر  ابراهيم رئيسي جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي سوڳ جو اعلان ڪيو جنهن دوران قومي جهنڊو جهڪيل آهي. وزيراعظم ايراني سفارت خاني وڃي ايراني سفير سان تعزيت ڪئي.  وزيراعظم چيو ته ايراني صدر جي وفات تي پاڪستان ۾ سوڳ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ قومي جهنڊو جهڪيل رهندو. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري به ايراني صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي وفات تي پونئرن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته صدر مسلم دنيا لاءِ ابراهيم رئيسي جي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سميت 9 ڄڻن جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ايران جي عوام سان تعزيت ڪري ٿو.سندس چوڻ هو ته هن افسوس ناڪ واقعي تي هر پاڪستاني ڏک ۾ آهي ۽ پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ شهرين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.