سنڌ اسيمبلي ۾ ايراني صدر جي شهادت واقعي تي تعزيتي ٺهراءُ منظور

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي جواجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پارلياماني معاملن واري  وزير ضياءَ الحسن لنجار ايراني صدر  سان پيش آيل جهاز حادثي تي ٺهراءُ جي منظوري وٺندي ايوان جي سمورو بزنس به  اربع تائين ملتوي ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا پڻ منظور ڪئي وئي، جنهن بعد صوبائي وزير ضياءَالحسن لنجار تعزيتي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته  ايران ۽ پاڪستان جا ھڪ ٻي سان ثقافتي لاڳاپا آهن، هيليڪاپٽر حادثي تي پاڪستان جو عوام ايران سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو. وڏي وزيرمراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام جي طرفان ايراني عوام سان تعزيت ڪجي ٿي، ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران سنڌ به آيو جيڪا  اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه هئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.