سنڌ حڪومت ۾ ڪي اختلاف ناهن، مراد شاهه ئي وڏو وزير رهندو: ناصر شاهه

ڪراچي( رپورٽر) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ ڪو به اختلاف ناهي، مراد علي شاهه وڏو وزير رهندو.  سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته مراد علي شاهه جي ڪري ئي پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته جن کي ڪجهه نه مليو اهي اختلاف جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. وزارتون فيصلا ڪرڻ جي اڳواڻي ڪنديون آهن. قيادت نون ماڻهن کي موقعو ڏنو آهي، ٻين کي به موقعو ملندو. تازي لوڊشيڊنگ تي ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سخت گرمي آهي، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻو آهي. ان معاملي تي مون وفاقي وزير اويس لغاري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

  1. ڌاڙيل راڄ: جماعت اسلامي پاران 29 مئي تي اي پي سي طلب

ڪراچي( رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ  صوبي ۾ وڌندڙ بد امني، لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف 29 مئي تي ڪراچي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ورتي.جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ لاقانونيت، قبيلائي جهيڙن ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف اعلانيل تحريڪ جي سلسلي ۾ڪوٺايل اي پي سي ۾ حڪومت مخالف پارٽين جي گڏيل صلاح مشوري سان قومي شاهراهن کي بند ۽ وزيراعلى هائوس آڏو ڌرڻي سميت ٻيا اهم فيصلا متوقع آهن. قباء آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي باڊي جي اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي اميرمحمد حسين محنتي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي امن سان لاڳاپيل آهي، تيل، گيس ۽ ڪاري سون جي دولت سان مالا مال سنڌ اڄ سورن ۾ آهي، هٿ وٺي سنڌ جو امن، ڪاروبار، مهمان نوازي ۽ ثقافت کي تباه ۽ عوام جي زندگي زهر بڻائي وئي آهي. هن  گهر ڪئي ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ توڙي قبيلائي جهيڙن جي سرپرستي ڪندڙن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري.

  1. سکر ۾ 22 کان 27 مئي تائين گرمي لهر سبب  ايمرجنسي لاڳو

سکر (رپورٽر) گرمي جي لهر کي ڏسندي سکر ۾ هيٽ ويو ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. سکر ۾ 22 کان 27 مئي تائين هيٽ ويو ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسڪولن جو وقت صبح ساڍي 7 وڳي کان 12 وڳي تائين ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ليبر ڊپارٽمينٽ کي 12 کان 3 وڳي تائين مزدورن کي بريڪ ٽائم ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.