خان پور ۾ ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو، 3 اهلڪار اغوا ڪري ويا

خان پور (ن ع آ) خان پور ٿاڻي جي حد 10 ميل ڀرسان قائم پوليس چوڪي تي ھٿياربندن حملو ڪري ڏنو ۽ پوليس اھلڪارن کي يرغمال بڻائي ٽن پوليس اھلڪارن صديق ملڪ ،امداد سومرو ،عرفان جتوئي کي اغوا  ڪري ويا ۽ اڌ رستي ۾ ھڪ پوليس اھلڪار عرفان جتوئي کي ڇڏي ٻن پوليس اھلڪارن صديق ملڪ امداد سومرو کي اغوا ڪري ويا، اھڙي اطلاع بعد شڪارپور پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ شڪارپور پوليس وڏي نفري طلب ڪري واقعي واري ھنڌ پھتي پر شڪارپور پوليس پيش آيل واقعي جي تصديق نه ڪئي آهي، پر ڊئي آئي جي لاڙڪاڻو خبر نشر ٿيڻ بعد نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون کي سخت ھدايتون جاري ڪندي پنھنجي پريس ريليز ۾ چيو ته خانپور ٿاڻي جي حد 10 ميل ڀرسان قائم پوليس چوڪي تان اغوا ٿيل پوليس اھلڪارن کي جلد بازياب ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي آهي، شڪارپور پوليس بختر بند گاڏيون ۽ وڏي نفري سان ڪري ڪچي واري علائقي پھتل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.