ڪنڌڪوٽ ۾سول سوسائٽي جو مغوين جي آزادي لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي )ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويلن جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن پاران ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي اڳواڻ غلام مصطفيٰ ميراڻي، عبيدالله گولو، ايس يو پي جي اڳواڻ ساگر ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏهاڻي، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عبدالعزيز سومرو، جي يو آءِ جي ابراهيم خاڪي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ فدا حسين محمداڻي، مغوين جي وارثن حاجي منظوراحمد ملڪ، ممتاز ڏاهاڻي، قربان لانگها، عبدالڪريم گولو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مغوين کي هڪ مهينو ٿي چڪو آهي، پر هن وقت تائين سندن بازيابي نه ٿي سگهي آهي، پوليس صرف ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي، اغوا ٿي ويل  اڪثر طبقو مسڪينن جو آهي، جيڪي 50 لک رپياڀنگ ڪٿان آڻين، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعو ڏوهن جو ڳڙ بڻجي چڪو آهي، هر هفتي 2 مغوي موٽن ٿا ته وري 5 اغوا به ٿي وڃن ٿا، پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، اهلڪاراغوا جي وارداتن ۾ به ملوث آهن، ڪو به شهري محفوظ نه رهيو آهي، وڏي ڳالهھ آهي جو چند آڱرين ته ڳڻڻ جيترا ماڻهو پوري ضلعي جي عوام کي يرغمال بڻايون بيٺا آهن، ڇا رياست کان چند ڏوهاري زور آهن؟، ڪچي جا ڌاڙيل سج لهندي ئ  شهر۾ گهمڻ شروع ڪن پيا، شريف واپارين ڏي ڌاڙيلن جون ڀتي لاءِ خط اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن سبب ڪيترائي واپاري لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، ڪيترائي لڏ پلاڻ لاءِ تيار ٿي ويٺل آهن. احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس، آرمي چيف، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ترت مغوين کي آزاد ڪرائي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ امن بحال ڪرايو وڃي. ياد رهي ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل  الطاف گولو، محمدعالم گولو، گلاب ڏاهاڻي، فرمان علي لانگها، شاهنواز نصيراڻي، محبوب ملڪ، لياقت شيخ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ماڻهو اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.