انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جي زلزلي سبب فوتين جو انگ 47 ٿي ويو

انڊونيشيا ۾ 7.7 شدت جي زلزلي کانپوءِ مختلف حادثن ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 47 ٿي ويو، جڏهن ته 50 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

خبر ايجنسي موجب زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون، 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو.

ريسڪيو ادارن پاران متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته اختيارين وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڇنڇر جي صبح انڊونيشيا جي فلوريس ٻيٽ ڀرسان 7.7 شدت جو زلزلو آيو هو، جنهن کانپوءِ جاري ڪيل سونامي جي خبرداري واپس ورتي وئي هئي.

You might also like