يوٽيوب جي موبائل ۽ ويب ورزن ۾ وقت بوقت استعمال ڪندڙن لاءِ ڏيک ۽ جوڙجڪ ۾ تبديليون ڪيون وينديون آهن، جيڪي ڪيترن ئي ماڻهن کي پسند ناهن اينديون.
رڳو گذريل هڪ سال دوران يوٽيوب ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن. هاڻي يوٽيوب ٻڌايو آهي ته يوزر انٽرفيس ۾ بار بار تبديليون ڇو ڪيون وينديون آهن.
يوٽيوب جي نائب صدر جونٿن ٽريلسڪي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته انهن تبديلين جو مقصد وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم جو استعمال وڌيڪ آسان بڻائڻ آهي.
هن چيو ته يوٽيوب جي ڪوشش آهي ته پليٽ فارم جي جوڙجڪ افراتفري واري محسوس نه ٿئي، ان لاءِ وقت بوقت ان ۾ تبديليون ڪيون وينديون آهن.
ڪمپني موجب تازين تبديلين، خاص طور بٽڻن جي نئين جوڙجڪ جو مقصد انهن کي وڌيڪ نمايان بڻائڻ آهي، جڏهن ته اهڙي نئين جوڙجڪ کي وڏي اسڪرين وارن اوزارن، جهڙوڪ سمارٽ ٽي وي، تائين پڻ وڌايو پيو وڃي.