ڪراچي ۾ ڪڪرن جو راڄ، بونداباندي جا امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گهڻو ڪري آسمان تي ڪڪر ڇانيل ۽ موسم گهميل رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب رات ۽ صبح جي وقت هلڪي بوندا باندي به ٿي سگهي ٿي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب هوا ۾ گهم جو مقدار 75 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

You might also like