جنگ، بزرگ ۽ ڀروسو

تحرير: ڄام صنم سنڌي

ڀروسو تمام وڏي شي آھي جڏھن انسان کي پنھنجي ھمت، قوت ۽ حوصلي تي ڀروسو ھجي ته اھو اِھو ڪڏھن به ناھي ڏسندو ته سندس سامھون ڪيڏو وڏو جبل يا وشال سمنڊ آھي ڇو ته پنھنجي ھمت ۽ حوصلي تي ڀروسو دنيا جي ھر جنگ ۾ فتحيابيءَ لاءِ ڪافي آھي پر ان ڀروسي کي فقط عقل ۽ ڏاھپ وارا ئي ڏسي ٿا سگھن ڇو ته بزدل ھمت ۽ ڀروسو ڏيڻ يا وڌائڻ بجاءِ الٽو خوف ۽ بي اعتمادي ۾ وڪوڙي رھيو سھيو حوصلو به وڃائي ڇڏيندا آھن.

جھڙي طرح ھڪ بادشاھ کي خبر ملي ته دشمن جي فوج وڏي تعداد ۾ بھترين ھٿيارن سان حملو ڪرڻ لاءِ اچي رھي آھي. سو بادشاھ، وزير ۽ اعليٰ عھدن وارا صلاح مشوري لاءِ گڏ ٿيا اڪثريت اھا راءِ ڏني ته شھر خالي ڪري ڇڏڻ گھرجي ڇو ته اسان وٽ ٿورڙي فوج آھي. جنھن سان وڙھڻ بيوقوفي ٿيندي. شھر کان پرڀرو ھڪ بزرگ جي جُھڳي ھئي جنھن سان علائقي واسين کي تمام گھڻي عقيدت ھئي سو بادشاھ سپهھ سالار ۽ عھديدارن کي چيو ته توھان به بزرگ وٽ وڃو ۽ ان سان به صلاح مشورو ڪيو بزرگ کي جڏھن اھا ڳالهھ ٻڌاين ته ان چيو مون کي ڪجھه  وقت ڏيو ته مان مراقبو ڪيان جيڪڏھن فتح نظر آئي ته پوءِ جنگ ڇڏڻ جي ڪا وجهھ ناھي پر جي شڪست نظر آئي ته پوءِ ان لا حاصل جنگ جو ڪو فائدو ئي ناھي ڪجھه  دير جي مراقبي کانپوءِ بزرگ چيو جنگ ۾ فتح آھي مقابلي جي تياري ڪيو فوج ۽ عوام ڀرپور حوصلي سان تيار ٿي جنگ جي ميدان ڏانھن نڪري پيا ھڪ وڏي جنگ کانپوءِ دشمن کي شڪست ٿي اھا خوشخبري جڏھن بزرگ کي ٻڌائي وئي ته ان چيو مون ته فقط ڪاميابي ۽ قوم جي پاڻ تي ڀروسي جي دعا ڪئي ھئي. ڇو ته فوج ۽ عوام ۾ ناڪاميءَ جو خوف ھو ۽ ان خوف جنگ کان اڳئي شڪست جھڙا آثار پئي ڏٺا پر جڏھن مون فتح جو کين يقين ڏنو ته ان ڀروسي تي عوام ڪاميابيءَ کي ممڪن بڻائي ڇڏيو ڇو ته ڀروسو اھا روشني آھي جيڪو ھر خوف جي اوندھ کي ختم ڪري ھمت، حوصلي ۽ بھادريءَ سان ميدان ملھائڻ جي سگھ ڏيندي آھي.

بزرگ فوج ۽ عوام جي حالت ڏسندي کين ظاھري ھمت ڏيڻ بجاءِ منزل جي ڪاميابيءَ جو اشارو ڏئي اھو ڀروسو ڏنو ته اوھان سڀ ڪجھه  ڪري سگھو ٿا ھر وڏي جنگ کٽڻ جو حوصلو رکو ٿا بس رڳو پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سکو ھر شي تي قابو پائي ۽ مٽيءَ کي به سون بنائي سگھو ٿا. ڪا به جنگ پوءِ اھا ڪنھن اڪيلي فرد کي وڙھڻي ھجي يا قوم کي ان کي کٽڻ ڏکيو ناھي جيڪڏھن پنھنجي عقل، ڏاھپ ۽ ھمت تي ڀروسو ڪامل ھجي ته ٿورائي گھڻائيءَ تي حاوي ٿي سگھي ٿي اسين به اڄ اھڙن انيڪ مسئلن مونجھارن ۽ دشمنن کي منھن ڏئي رھيا آھيون جن کي اسين آرام سان شڪست ڏئي ٿا سگھون پر افسوس جو نه ته اسان کي پاڻ تي ڀروسو آھي نه وري اسان ۾ ڪو علم، عقل ۽ شعور رکندڙ بزرگ ئي موجود آھي. جيڪو اسان کي ھمت ۽ حوصلي سان پنھنجي حقن جي جنگ وڙھڻ جو اتساھ ڏئي ڪاميابيءَ جو يقيني ڀروسو ڏئي ميدان ملھائڻ لاءِ تيار ڪري. شاعر چيو آھي ته:

پهلی اڑان مشکل هے،

پھر کهاں آسمان مشکل هے۔

سو اسان کي به پنھنجي ھر جنگ وڙھڻ لاءِ ڪنھن جي اتساھ جو انتظار ڪرڻ بنا پوري ڀروسي سان پھرين اڏام پاڻ ڪرڻي پوندي پوءِ ڀروسو رکو ته ڪاميابين جا آسمان خود اسان جا قدم چمندا.

ڀروسو تمام وڏي شي آھي جڏھن انسان کي پنھنجي ھمت، قوت ۽ حوصلي تي ڀروسو ھجي ته اھو اِھو ڪڏھن به ناھي ڏسندو ته سندس سامھون ڪيڏو وڏو جبل يا وشال سمنڊ آھي ڇو ته پنھنجي ھمت ۽ حوصلي تي ڀروسو دنيا جي ھر جنگ ۾ فتحيابيءَ لاءِ ڪافي آھي پر ان ڀروسي کي فقط عقل ۽ ڏاھپ وارا ئي ڏسي ٿا سگھن ڇو ته بزدل ھمت ۽ ڀروسو ڏيڻ يا وڌائڻ بجاءِ الٽو خوف ۽ بي اعتمادي ۾ وڪوڙي رھيو سھيو حوصلو به وڃائي ڇڏيندا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.