آچر واري شام ھڪ افسوسناڪ حادثي ۾ ايراني صدر ابراھيم رئيسي ۽ ايران جو پرڏيھي وزير حسين امير عبداللهيان اجل جو شڪار ٿي ويا.ملڪ جي سپريم ليڊر محمد مخبر کي عبوري صدر ۽ پرڏيھي وزير جي نائب علي باقري ڪني کي قائم مقام مقرر ڇڏيو آهي.عبوري صدر 50 ڏينھن ۾ صدارتي چونڊون ڪرائيندو.
ايران اھڙي ڏکاري واقعي تي پنجن ڏينھن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آھي.ھاڻي تھ پھاڙي علائقي مان ان بدقسمت مسافرن واري ھيليڪاپٽر جو ملبو بھ ملي ويو آھي، پر ان کان اڳ ڪيترائي ئي ڪلاڪ اھو پتو ئي نھ پئجي پئي سگھيو تھ اھو ھيليڪاپٽر ڪٿي ڪريو آھي،جنھن ڪري نھ رڳو ايران پر دنيا جي ميڊيا ۾ ھڪ سمجھه ۾ نھ ايندڙ صورتحال ۽ موجھاري واري ڪيفيت پئدا ٿي وئي ھئي.
جيتوڻيڪ تاحال اھڙو ڪو بنياد نھ مليو آھي،جنھن سان اھو چئي سگھجي تھ ايران جي صدر سان پيش آيل حادثو فطري نھ ھو،پر ڪجهھ حلقا ان ۾ ڪنھن گھري سازش کي نظرانداز نھ پيا ڪن.ايراني صدر آذربائيجان مان واپس اچي رھيو ھو،جنھن جا اسرائيل سان بھتر لاڳاپا آھن،بلڪھ اھا بھ اسرائيل آذر بائيجان جا ھوائي اڏا ڪتب آڻيندو رھي ٿو،اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ اتي رسمي طور تي اسرائيل کي ڪي بھ ھوائي اڏا ڏنل نھ آھن.
ايران خطي جو ھڪ اھڙو ملڪ آھي،جنھن سان علائقي جي ھڪ ٻئي سگھاري ملڪ اسرائيل سان جاري ڇڪتاڻ ۾ ان وقت شدت اچي وئي جڏھن ايران مھينو کن اڳ ان تي سوين ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪيا ھئا،ظاھر طور اھو قدم ايران فلسطين ۾ اسرائيل جي جاري ظلم ۽ بربريت خلاف کنيو ھو،جنھن جي موٽ ۾ اسرائيل پڻ ڪارروائي ڪئي ھئي.جنھن ڪري خطي ۾ خوف اڳ ۾ ئي ڇانيل آھي.
ھن وقت تائين ٻئي ڌريون ھڪ ٻئي جي ميڊيا جي بيانن ۽ چرپر تي ڌيان ڏئي رھيون آھن،پر تازي واقعي جو ھن وقت تائين ان سان ڪو بھ تعلق نھ ڳنڊيو ويو آھي.ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي تي پنجن ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.ٻئي طرف ايراني ميڊيا موجب ابراهيم رئيسي جي جنازي نماز 21 اڄ مئي تي تبريز ۾ ادا ڪئي ويندي.
سالن کان پابندين سبب ايران جي سرڪاري هوائي جهازن جي حالت ڪمزور آهي،ملڪ معاشي طور تي بھ گھڻو بھتر ناھي،ايراني ميڊيا ڪو به تاثر نه ڏنو ته هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ڪا ”سازش“ هئي. واقعو موسم جي خراب قرار ڏنو ويو آھي.
بهرحال صدر رئيسي جا ڪيترائي دشمن هئا. سندس وفات تي ڪيترائي ماڻهو خوش ٿيا هوندا.
1980 واري ڏهاڪي ۾ ايران ۾ آيل انقلاب بعد هزارين نقادن کي موت سزا ڏني وئي ھئي، ابراھيم رئيسي بھ ان ٽيم جو حصو ھو،جن کي سزا ملي ھئي، انهن ۾ اڪثريت جو تعلق کاٻي ڌر سان هو. ھن 2021 ۾ايران جي صدارت جو عھدو سنڀاليو ھو ۽ سندس دور ۾ ملڪ اندر ڪيترن ئي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو ھو.ايران ۾ اڪثر واقعن جو الزام اسرائيل تي لڳايو ويندو آهي. اسرائيلي عملدارن صحافين کي ٻڌايو آهي ته انهن جو ھن واقعي سان ڪو به تعلق ناهي. اسرائيل کي اهڙي شيءِ مان فائدو حاصل نه ٿي سگھندو، جيڪو جنگ ڪرڻ جي برابر هوندو.جيتري قدر خراب موسم جو تعلق آهي ته ايران سالن کان پابندين کي منهن ڏئي رهيو آهي. ايراني جهاز غير محفوظ ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته اهي جهازن جا اسپيئر پارٽس يا نوان ايئر فريم حاصل نٿا ڪري سگهن.ابراهيم رئيسي جي هيلي ڪاپٽر جي حادثي واري هنڌ جي تصديق ڪئي وئي آھي، حادثو اتر اولهه ايران ۾ عزي ڳوٺ کان ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هڪ جابلو علائقي ۾ پيش آيو.هيلي ڪاپٽر جي ملبي جي تصوير ايراني ميڊيا بھ جاري ڪئي آھي. تصوير ۾ هيلي ڪاپٽر کي جبل جي اوڀرين لاھي تي 2200 ميٽر جي اوچائي تي ڏسي سگهجي ٿو.
آچر واري شام ٿيل حادثي بابت معلومات اچڻ شروع ٿي وئي آھي.ايران جي ڪرائسز مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه محمد نامي موجب هيلي ڪاپٽر جي تباهه ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ به ھڪ مسافر هڪ ڪلاڪ تائين جيئرو هو. هيلي ڪاپٽر ۾ سوار امام محمد علي الهاشم حادثي کانپوءِ ايراني صدر جي آفيس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي هن حادثي ۾ عملي سميت ڪل 9 ڄڻا فوت ٿيا.
آچر شام ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب صدر ۽ پرڏيهي وزير کي کڻي ويندڙ هيلي ڪاپٽر” بيل 212 “ ھو،بھرحال اھو ڪيترو استعمال ٿيل ھو ان بابت معلومات نھ آھي.پر اھو 1960 جي ماڊل جو ھو،جيڪو ڪئناڊا جي فوج جي لاءِ تيار ڪيو ويو ھو.هيلي ڪاپٽر آمريڪي ڪمپني بيل هيلي ڪاپٽر جو ٺاهيل ھو.
فلائيٽ گلوبل جي 2024 ورلڊ ايئر فورس جي ڊائريڪٽري موجب، ايراني نيوي ۽ ايئر فورس وٽ مجموعي طور تي ان ماڊل جا ڪل 10 هيلي ڪاپٽر آهن، پر اهو واضح ناهي ته ايراني حڪومت وٽ استعمال ۾ آهن.بيل 212 مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.ايراني سرڪاري خابرو ايجنسي IRNA جو چوڻ آهي ته صدر کي کڻي ويندڙ ھيليڪاپٽر ۾ڇهه مسافر ۽ ٻه عملي جا ميمبر سوار ٿي پئي سگھيا.
بي بي سي جي يروشلم جي نمائندي لوسي وليمسن جو چوڻ آهي ته هڪ ڪلاڪ اڳ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اسرائيلي ملوث هجڻ جا ڪي به ثبوت سامهون نه آيا آهن.عالمي اڳواڻن هن وقت تائين ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي پر اسرائيل اڃا تائين احتياط جو مظاھرو ڪري رهيو آهي.اسرائيل ايران جي ڪنهن به اھڙي اشاري تي نظر رکي رھيو آھي،جنھن ۾ حادثي ۾ ان جي ملوث ھئڻ جي ڳالھھ ڪئي وئي ھجي يا ان تي الزام هنيو ويو وڃي.اھا نوٽ ڪرڻ جي ڳالھھ آھي ته ان واقعي ۾ اسرائيلي جي ذري بھ ملوث هجڻ جو اشارو، خطي کي هڪ نئين بحران ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو.
بهرحال، هن وقت تائين ان بابت ڪجهه به نه چيو ويو آهي ۽ اسرائيلي اهلڪار مقامي ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيا آهن ته انهن جو ايراني صدر جي موت ۾ ڪو به هٿ نه آهي.ٻنهي ملڪن ۾ صورتحال هڪ مهيني کان وڌيڪ خراب آھي. ايران اسرائيل ۾ اهم هدفن تي سوين ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪيا ھئا.ان وقت کان وٺي هڪ غير يقيني صورتحال آهي، پر غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ۽ ايراني پراڪسسيز ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگ سبب علائقو خوف م ورتل آھي.
اسرائيل ايران جي ڪنهن به اھڙي اشاري تي نظر رکي رھيو آھي،جنھن ۾ حادثي ۾ ان جي ملوث ھئڻ جي ڳالھھ ڪئي وئي ھجي يا ان تي الزام هنيو ويو وڃي.اھا نوٽ ڪرڻ جي ڳالھھ آھي ته ان واقعي ۾ اسرائيلي جي ذري بھ ملوث هجڻ جو اشارو، خطي کي هڪ نئين بحران ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو.بهرحال، هن وقت تائين ان بابت ڪجهه به نه چيو ويو آهي ۽ اسرائيلي اهلڪار مقامي ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيا آهن ته انهن جو ايراني صدر جي موت ۾ ڪو به هٿ نه آهي.