ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو موت، حادثو يا سازش؟

تحرير:عباس پٺاڻ

ابراهيم رئيسي جي 19 ورهيه عمر هئي ته ايران ۾ شهنشاهيت خلاف تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ فيبروري 1979ع ۾ ايران ۾ اسلامي انقلاب جو اعلان ڪيو ويو، شهنشاهيت خلاف تحريڪ دوران ابراهيم رئيسي اڃا شاگردي واري ڄمار ۾ هو هن مدرسي ۾ تعليم پئي پرائي، ابراهيم رئيسي ايران جي شهنشاهه خلاف ٿيل جدوجهد ۾ اڻ ٿڪ ڪردار ادا ڪيو.

ابراهيم رئيسي اهم عهدن تي رهيو، قاضي جا فرض نڀايا ۽ چيف جسٽس به بڻيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ابراهيم رئيسي قاضي هجڻ سبب ڪيترن ئي ڏوهاري ثابت ٿيلن جي ڊيٿ وارنٽن تي به صحيحون ڪيون، عالم دين هجڻ سبب هن کي شوريٰ ۾ به جاءِ ملي جنهن جي ڪري ابراهيم رئيسي شوريٰ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي ڏاهپ جي ڪري شوريٰ جي اهم شخصيتن جي ويجهو رهيو ايتري تائين جو اها ڳالهه عام ٿي وئي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي وصال جي صورت ۾ ابراهيم رئيسي ايندڙ سپريم ليڊر بڻبو چيو پيو وڃي ته ابراهيم رئيسي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي گهڻو ويجهو هو اهو ئي ڪارڻ هو جو ايران ۾ 2021 ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ ابراهيم رئيسي کي عوام صدر لاءِ اڪثريت سان ڪامياب ڪيو هو.

ابراهيم رئيسي ايران جي صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان عزم جو اظهار ڪيو هو ته مان مسلمانن ۾ ايڪي لاءِ ڪم ڪندس ۽ مسلم امت کي متحد ڪرڻ لاءِ سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندس جنهن کانپوءِ ابراهيم رئيسي مسلم امت کي متحد ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو. هن جي ڪوشش رهي ته سعودي عرب سان وڌ کان وڌ بهتر ۽ پختا لاڳاپا قائم ڪيا وڃن جنهن لاءِ ابراهيم رئيسي عملي قدم کنيا ان سان گڏ اسرائيل توڙي آمريڪا جي حوالي سان ابراهيم رئيسي ايران جي موقف کي وڌيڪ اتساهه ڏنو هن ايران توڙي اسرائيل جي حوالي سان امام خميني جي ڏسيل نظريي جي پيروڪاري ڪئي. 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل فلسطينين مٿان جنگ مڙهي ۽ اتي بمباري ڪري بي گناهه ماڻهن جو خون وهايو ان تي اسلامي ملڪن مان سڀ کان مضبوط آواز ايران اٿاريو ۽ فلسطينين جي مدد جو اعلان ڪيو ايران جي مضبوط موقف جي ڪري اسرائيل اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو ته حماس جي ايران مدد ڪري رهيو آهي اسرائيل جي ان موقف جي آمريڪا به حمايت ڪئي ايران کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳو.

فلسطين تي حملي تي ايتان طرفان ڪيل واويلا اسرائيل کان هضم نه ٿي آخرڪار اسرائيل شام ۾ ايران جي قونصل خاني کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ پاسداران انقلاب جو هڪ ڪمانڊر ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو مارجي ويا جنهن جي جواب ۾ ابراهيم رئيسي جي قيادت ۾ ايران اسرائيل ڏانهن ميزائل فائر ڪيا جن اسرائيل جي ايٽمي هٿيار ٺاهيندڙ ٿاڪن کي نقصان پهچايو. ايران ميزائل فائر ڪرڻ واري عمل کي پنهنجو بچاءُ قرار ڏنو پر اسرائيل جو چوڻ هو ته ايران کي ان حملي جو حساب ڏيڻو پوندو ايران ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هجڻ دوران ئي ايران جي صدر جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو پيش اچڻ ڪجهه سوالن کي جنم ڏئي ٿو جن جا جواب ڳولڻ جي ايران ضرور ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ابراهيم رئيسي اسلام فوبيا خلاف به هڪ مضبوط آواز هو. سال 2023ع جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خطاب دوران ابراهيم رئيسي قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف تقرير ڪئي ۽ هن پاڪ ڪتاب هٿ ۾ کڻي دنيا کي ٻڌايو ته ڪنهن به ريت اسلام ۽ مقدس ڪتاب خلاف دنيا جا مسلمان هڪ حرف به برداشت نه ڪندا. هن چيو ته اسلام اسان کي امن ۽ سلامتي جو درس ڏيئي ٿو پر ائين به نه آهي جو ڪير سلامتي واري دين ۽ پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪري ان کي ڪجهه نه چئجي ابراهيم رئيسي جي ان تقرير اسلام خلاف سوچيندڙن جي صفن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، عالمي پابندين جي باوجود ايران کي ترقي طرف وٺي وڃڻ ۾ اتان جي هر اڳواڻ جو ڪردار آهي پر ابراهيم رئيسي پنهنجي وطن کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ به بهترين ڪردار ادا ڪيو.

ابراهيم رئيسيءَ پنهنجي موت کان هڪ مهينو اڳ پاڪستان جو درو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي اختيارين ڪيترن ئي ڪاروباري معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ مختلف رٿائن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ به ڳالهيون ڪيون ويون ان سان گڏ ايران طرفان پنهنجو هڪ بندرگاهه ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت حوالي ڪيو ويو جيڪو معاهدي تحت 13 ورهين تائين ڀارت وٽ رهڻو آهي اهو بندرگاهه ڀارت حوالي ڪرڻ به ابراهيم رئيسي جو حڪمت عملي جو حصو هو ابراهيم رئيسي جي اهڙي حڪمت عملي تي آمريڪا جو رڙيون نڪري ويون هيون ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي چئي ڇڏيو ايران تي عالمي پابنديون آهن جيڪڏهن ان سان ڪير واپار ڪندو يا وري اهڙي قسم جا لاڳاپا قائم ڪندو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ابراهيم رئيسي عالمي پابندين باوجود ملڪ کي معاشي لحاظ کان پختو ڪرڻ لاءِ بهتر رٿابندي سان اڳتي وڌي رهيو هو ، جتي ابراهيم رئيسي ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪيا ۽ اسلامي ملڪن کي متحد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون اتي هن جي حڪومت ۾ ايران اندر شاگردن احتجاجي مظاهرا ڪيا جيڪي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا اهڙي عمل کي اتان جي حڪومت پرڏيهي سازش قرار ڏنو ۽ انهن احتجاجن کي ختم ڪرايو انهن احتجاجن سان ابراهيم رئيسي جي حڪومت تي ناڪاري ڇنڊا پيا تنهن باوجود ابراهيم رئيسي ملڪ جو گهڻو مقبول ليڊر رهيو، ابراهيم رئيسي جي پختي موقف جو ئي ته نتيجو آهي جو هن وقت هر فورم تي ايران هر هنڌ آمريڪا توري اسرائيل خلاف جنگ جوٽيون پيو اچي.

ابراهيم رئيسي 19 مئي جي شام جو پنهنجي پاڙيسري ملڪ آذر بائيجان جي سرحد ويجهو ڊيم جو افتتاح ڪري واپس پئي موٽيو ته هن جو هيلي ڪاپٽر جابلو علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين الهيان ۽ سپريم ليڊر جو ترجمان هاشم اجل جو شڪار بڻجي ويا ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڳولا بعد تباهه ٿيل هيلي ڪاپٽر جو ملبو هٿ ڪيو ويو ۽ اجل جو شڪار بڻجي ويلن جا لاش به هٿ ڪري مشهد پهچايا ويا، بحث اهو آهي ته ابراهيم رئيسي جو موت حادثي آهي يا وري سازش ڇاڪاڻ جو ايران تي اسرائيل حملا ڪندو رهيو آهي. پاسدارن جو سربراهه قاسم سليماني به اجل جو شڪار بڻيو  هو جنهن جي ذميواري اسرائيل قبول به ڪئي هئي پر ابراهيم رئيسي جو موت ڳجهارت آهي. ان حوالي سان ايران جون اختياريون جاچ ڪري رهيون آهن شروعاتي طور تي ته ڪنهن سازش جي ڳالهه سامهون نه آئي آهي پر هيڏي وڏي اڳواڻ جو موت هيلي ڪاپٽر تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي سوال ڇڏي ٿو جن جو جواب ڳولڻ انتهائي ضروري آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.