ھن ويڙھ ۾ سڀني جي ھار آھي !

تحرير: انصار عباسي

ڪجهه هفتن کان اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺل نظر اچي رهيون آهن، جنهن سان اھو خوف ذھنن  ۾ پئدا ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن اهو سلسلو نه رڪيو ۽ ايئن ئي ھلندو رهيو ته پوءِ ٻنھي اهم ترين ادارن وچ ۾ اها ويڙهه وڌي ڪري ڪنھن وڏي بحران  جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال ملڪ ۾ ڪنهن به نئين ۽ وڏي بحران جي متحمل نٿي ٿي سگهي.اهڙي وقت ۾ جڏهن معاشي اشارا ڪجهه بهتري جا آثار ڏيکارڻ شروع ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان کي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم سڌارن ڪرڻ لاءِسسٽم کي ھڪ  استحڪام جي ضرورت آهي، سيڪيورٽي ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جي وچ ۾ موجود ڇڪتاڻ کي وڌائڻ سان ڪنھن جي ڪاميابي نٿي ٿي سگھي، بلڪھ سڀني جي ھار ھوندي.

ان صورتحال جو سڀني کي ادراڪ ھئڻ گھرجي ته جيئن ان ڇڪتاڻ ۽ ويڙهه کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو وڃي. جيڪڏهن هڪ طرف عدليه جي معاملن ۾ ايجنسين جي مداخلت کي روڪڻ ضروري آهي ته ٻئي طرف ججن کي به دفاع ۽ سلامتي سان متعلق معاملن تي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي تحفظات کي سمجهڻ گهرجي. مثال طور، اها ايجنسين جي ذميواري آهي ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ دهشتگرديءَ جھڙن  معاملن ۾ فون ٽيپنگ جھڙين سھولتن سان مدد ورتي وڃي.پر اھو غلط ھوندو تھ ڪنھن سياستدان،جج يا صحافي جو فون ٽيپ ڪري ان کي سياسي مقصدن حاصل ڪرڻ جي لاءِ يا بليڪ ميلنگ جي لاءِ ليڪ ڪيو وڃي.جتي غلط ٿي رهيو آهي، اتي عدليه کي ان کي ضرور روڪڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ايجنسيون اھو چون تھ فون ٽيپنگ بابت ڪجهه حساس معاملا آهن، جن تي اوپن ڪورٽ ۾ ڳالھائڻ سان سيڪيورٽي ڪمپرومائيز ٿي سگھي ٿي،جنھن جي لاءِ لاڳاپيل جج جي چيمبر  ۾ ڳالھائڻ گھرجي، تھ اھڙي درخواست تي عدليھ کي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گھرجي. ماضيءَ ۾ ججن، جنرلن ۽ سياستدانن ڇا ڇا ڪندا رھيا، اهو سڀني جي سامهون آهي، جنهن مان اسان کي بحيثيت قوم سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙي نموني اڳتي وڌڻ گهرجي، جو هر ادارو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪري. فوج ۽ ايجنسيون دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جھڙن اھم ترين معاملن تي پنھنجو ڌيان ڌرين،عدليھ کي  عوام کي سستو ۽ تڪڙو  انصاف مهيا ڪرڻ واري خواب کي پورو ڪرڻ ۾ ڏينھن رات صرف ڪن. سياستدان،اسٽيبلسمينٽ ۽ عدليھ جائز ناجائز جي سھاري جي ڳولا ڪرڻ بدران پنھنجي سياست جو مرڪز ملڪ ۽ عوام جي خدمت کي بڻائين. ان ۾ سڀني جو فائدو  آھي ۽ ھر ڪنھن  جي عزت ٿيندي. اسان کي  مضبوط فوج،چوڪسي تي غيرسياسي ايجنسيون،آزاد عدليه ۽ اھڙي پارليامينٽ توڻي سياسي حڪومت جي ضرورت آهي جيڪا پاڪستان جي آئين موجب ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي. پر سڀ ڪجهه هڪ خواب وانگر لڳي ٿو. اھي اھڙا معاملا آھن جيڪي سلجھڻ جو نالو ئي نٿا وٺن.جيڪو ڪجھھ اسين  چاهيون ٿا ۽ جنھن جنھن اداري مان جيڪا اميد رکون ٿا،ان جي ابتڙ ئي نظر اچي ٿو.

موجوده صورتحال ۾ جتي اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ صدر ۽ وزيراعظم کي خاموش تماشائي بڻجڻ بدران پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم کي گهرجي ته هو صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٻنهي ادارن وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

پاڪستان جي صدر جي عھدي جي نوعيت اهڙي آهي جو  اهو سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن سان گڏوگڏ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اعليٰ قيادت جو وزيراعظم جي موجودگي ۾ اجلاس گهرائي سگهي ٿو.جنھن جو واحد مقصد اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جي وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ھئڻ گھرجي.ڏسجي تھ ان باري ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ذميواري پوري ڪن ٿا يا ادارن ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو انتظار ڪن ٿا ؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.