لاهور(م ڊ) تحريڪ منهاج القرآن جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته جنرل(ر) ظهيرالاسلام سان لنڊن يا ڪينيڊا ۾ ڪڏهن به ملاقات ناهي ٿي، ملاقات جي دعويٰ ڪوڙ،تهمت،الزام تراشي ۽ دروغ گوئي آهن، هڪ بيان ۾ هن چيو ته انهن من گهڙت ۽ بي بنياد الزامن کي سختي سان رد ڪريان ٿو،ملڪي سلامتي،اتحاد ايڪي ۽ عوامي مشڪلات جي حل لاءِ دعاڳو آهيان.