پني عاقل مان اغوا ٿيل معصوم نينگر جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

پنوعاقل (ن ع آ ) پني عاقل واسي نينگر بازياب نه ٿيو ،وارث پريشان، نينگر جي والد وٽ ايس ايس پي سکر جي آمد،  ڌاڙيلن 6 ڏينهن اڳ مهراڻ  ڪالوني ۾ گھر مان ڌاڙو هڻڻ بعد نينگر محمدحسين آرائين کي اغوا ڪيو ويو هو، نينگر جي وارثن کان پوليس گذريل ڏينهن مهلت ورتي هئي پر نينگر بازياب نه ٿي سگھيو آهي،  ايس ايس پي سکر امجد شيخ پنوعاقل مغوي نينگر جي گھر اچي وارثن سان مليو نينگر جي جلد بازيابي جو يقين ڏياريو ، ان موقعي تي ايس ايس پي سکر امجد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگر کي اغوا ڪندڙ گينگ جو پتو پئجي ويو آھي ۽ جلد نينگر  کي بازياب ڪرايو ويندو، جوابدارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪچي ۾ ڪارروائيون هلن پيون هڪ حسين کي آزاد ڪرائي جوابدارن کي انجام تائين پهچائي ٻيا حسين محفوظ بڻايا ويندا، جڏهن ته نينگر جي والد جو چوڻ هو ته  ايس ايس پي سکر امجد شيخ منهنجي ٻچڙي جي بازيابي بابت مضبوط مؤقف رکيو آھي ۽ اميد به آھي ته محمد حسين بازياب ٿي مونکي ملندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.