ميهڙ ۾ کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ

ميهڙ ( ن ع آ )  2 ڏينھن اڳ ڄامشورو ڀرسان مسافر ڪوچ مان لاھي مبينا طور اغوا ٿيل ميھڙ واسي نوجوان سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد علي رضا بروھي بازياب نه ٿي سگھيو، نوجوان جي بازيابي لاءِ شاگردن ۽ عزيزن پاران شھزاد بروھي ، ماجد کوسو ، وحيد مھيسر ، محمد پنھور , امتياز چانڊيو، سرفراز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، مظاھرين شديد نعريبازي ڪندي چيو ته يونيورسٽيءَ جي شاگرد نوجوان علي رضا بروھي کي 2 ڏينھن اڳ ميھڙ مان حيدرآباد ويندي نامعلوم ماڻھو ڄامشورو ڀرسان ڪوچ مان لاھي کڻي ويا آھن 2 ڏينھن گذرڻ باوجود نوجوان جو ڪو پتو نه پئجي سگھيو آھي جنھن سبب گھر ۾ امڙ ۽ گھر ڀاتي انتھائي پريشان بڻيل آھن ماءُ ڀينرون نوجوان لاءِ قرآن پاڪ کي لوڏينديون رھن ٿيون پر پوليس پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آھي ھنن چيو ته نوجوان اگر ڪيس يا ڪنھن معاملي ۾ گھربل آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا ان مٿان داخل ڪيل ڪيس ظاھر ڪيا وڃن ٻن ڏينھن کان گم ٿيل نوجوان جا وارث پريشان بڻيل آھن ھنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ وس وارن ادارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته نوجوان علي رضا بروھي کي جلد آزاد ڪيو وڃي اگر ڪنھن بہ ڪيس ۾ ملوث آھي ته ڪورٽ ۾ پيش ڪري کيس گھر ڀاتين جي بيچيني دور ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.