ڪراچي ( رپورٽر ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ستن مختلف تعمير هيٺ رٿائن جو دورو ڪيو، ۽ ملير ايڪسپريس وي ۽ ڪريم آباد انڊر پاس جي تڪميل ۾ دير جو ڪارڻ بڻجدڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي تنصيبات جي منتقلي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن سبب ملير ايڪسپريس وي جي تڪميل ۾ دير ٿي رهي آهي. سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ڪاز وي ۽ ملير ندي اندر ملبو ۽ گند ڪچرو اڇلائڻ کان روڪڻ ۾ ناڪامي تي ايس ايڇ او ڪورنگي انڊسٽريل ايريا کي معطل ڪري ڇڏيو وڏي وزير سان صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب گڏ هئا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته قائد آباد انٽر چينج جي هاڻوڪي لوپ وٽ ڪجهه حددخلين جا مسئلا آهن ۽ ڪجهه ايراِضي جا مامرا آهن جن کي وقت سر حل ڪرڻ جي گھرج آهي. وڏي وزير ڊي سي ملير کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي (قائدآباد انٽرچينج لوپ وٽ) حددخليون هٽايون وڃن ۽ ايراضي جا مسئلا حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.