گهوٽڪي(رپورٽ: ايم آزاد مهر) گهوٽڪي جي آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جانڻ واسو ڀرسان ڳوٺ مصطفي ساوند ۾ ساوند سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن چڙهائي ڪري نوجوان بهرام ساوند کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته هٿياربندن مقتول جو لاش ڏيڻ لاءِ 50 لک روپيه ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي,رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاش ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس خاموشي اختيار ڪري ورتي، هوڏانهن اهڙي واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورت حال ڇائنجي وئي آهي، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن سندراڻي هٿياربندن پاران ڦر ٿيل ان جو ٽريڪٽر واپس نه ڪرڻ تائين لاش ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين لاش هٿياربندن جي قبضي هيٺ هو.
-
50 لک نه هجڻ تي مقتول جي نياڻي پاران زيور ڏيڻ جون التجائون
گهوٽڪي: گهوٽڪي لڳ ساوند سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن پاران اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان بهرام ساوند واقعي جي حوالي سان مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته هٿياربندن لاش ڏيڻ لاءِ 50 لک رپيا طلب ڪيا آهن، جنهن بعد ئي لاش ملي سگهي ٿو,هوڏانهن لاش لاءِ هٿياربندن پاران ڀنگ طلب ڪرڻ بعد مقتول جي نياڻي پنهنجا زيور هٿياربندن کي ڏيڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي، زيور وٺو پوءِ بابا جو لاش ڏيو نياڻي التجائون ڪرڻ لڳي، مقتول جي وارثن، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي لاش وٺي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
-
لاش نه ڏيڻ انسانيت جي تذليل آهي : سڄاڻ ڌريون
گهوٽڪي: ساوند سندراڻي تڪرار تان قتل ڪيل بهرام ساوند جو لاش ڏيڻ لاءِ هٿياربندن پاران ڀنگ طلب ڪرڻ واري چوٻولن بعد سڃاڻ ڌرين جي اڳواڻن شهري اتحاد مين جي اڳواڻ آغا نادر پٺاڻ,سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فقير محمد ٽانوري,۽ ٻين جو چوڻ هو ته قبيلائي تڪرانن شهرن کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ساوند سندراڻي تڪرار صرف هنن ٻنهي ڌرين لاءِ نه پر پوري عوام لاءِ نقصان ڪار آهي، هنن چيو ته هٿياربند تڪرار جي آڙ ۾ قتل ڪري وري لاش لاءِ ڀنگ طلب ڪن ته اهي انسانيت ناهي، ايئن نه ٿيڻ گهرجي، هنن وڌيڪ چيو ته جيتري تائين جهيڙيندڙ ڌرين جي سردارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو ته تيسي تائين تڪرار ختم ڪون ٿيندا، تڪران کي ختم ڪرڻ ۽ علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سردارن تي رياستي دٻاءُ وجهڻو پوندو پوءِ تڪرار جلد ختم ٿي سگهن ٿا، هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ سکر ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي تڪرار ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
-
مقتول بهرام جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ ٽيمون ڪچي ۾ لٿل آهن: پوليس
گهوٽڪي: گهوٽڪي جي آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مصطفي ساوند مان ساوند سندراڻي تڪرار تان اغوا بعد ڪيل نوجوان بهرام ساوند واري واقعي جي حوالي سان ايس ايڇ او قابل ڀيو جو چوڻ هو ته هٿياربند دريا جي پار آهن لاش هٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون جلد لاش وصول ڪيو ويندو,هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪچي ۾ لٿل آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سميت لاش وصول ڪيو ويندو,