ڪراچي(عوامي آواز نيوز)نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته اسان روز تنزلي ڏانهن وڌي رهيا آهيون، بلوچستان ۾ گئس 18 سيڪڙو وڃي بچي آهي پر وزيراعليٰ جي پنهنجي علائقي ۾ اڃا تائين گئس ناهي پهتي، سينڊڪ کي بيدرديءَ سان لٽيو پيو وڃي، 50 سيڪڙو چين، 48 سيڪڙو وفاق ۽ بلوچستان کي خيرات طور رڳو 2 سيڪڙو حصو ڏنو پيو وڃي، ڪراچي ۾ هڪ ڊائلاگ پروگرام ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ گوادر بلوچستان کي ٽڪو به نٿو ملي، ملازمتن ۽ نوڪرين ۾ مقامي ماڻهن جو ڪو به شيئر ناهي، هاڻي ريڪوڊڪ سان ڇا ٿيو آهي اسان کي ڪا خبر ناهي، هن چيو ته وڏين پارٽين جي مفاهمت جمهوريت کي نقصان پهتو آهي،جعلي اسيمبلين وٽ ڪو به اختيار ناهي،هن چيو ته هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي،اسان کي ووٽ جي حق لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي،هن ڀيري اليڪشن نه پر آڪشن ٿي هئي،بلوچستان،پاڪستان جو حل جمهوري پاڪستان ۾ آهي،73ع جي آئين نه مڃيو ويو ته اسان نئين سماجي معاهدي جو مطالبو ڪنداسين پشتونخواه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ عبدالرحيم زيارت وال چيو ته پهرين ڏينهن کان 1940ع جي قرارداد کان انڪار ڪيو ويو، 1956ع جي آئين ۾ وفاق کان انڪار ڪيو ويو، 1973ع جو آئين پنهنجي تخليق ڪندڙ کي نه بچائي سگهيو، آئين ٽوڙڻ واري جو ڪو به نالو نٿو وٺي،پاڪستان کي صرف ۽ صرف سچ بچائي سگهي ٿو، تازي اليڪشن ۾ جيڪي پئسا ورتا ويا انهن اسيمبلين جي ڳالهه ڪريو ٿا، اسان جي معدنيات تي قبضا ڪيا پيا وڃن،صوبائي وزير خزانه شعيب نوشيرواني چيو ته هر اليڪشن تي داغ لڳندو رهيو آهي، جيڪي به حڪومتون چونڊجي آيون انهن مڪاني حڪومتن کي فعال ڪيو آهي؟ ڪائونسلر کي 5 لک رپيا به گرانٽ نٿي ملي،گراس روٽ ليول تائين اسان حق ناهن پهچايا، احساس محرومي مرڪز کان پنهنجي جاءِ تي پر صوبائي حڪومت کان ،اسان نوڪريون نه وڪڻنداسين، ٽرانسفر پوسٽنگ، ترقياتي رٿائن ۾ گهوٻيون نه هڻنداسين، اسان اهي مسئلا صوبائي سطح تي حل نٿا ڪريون،ترقياتي رٿابندي واري صوبائي وزير بلوچستان ظهور بليدي چيو ته مڪران ۽ قلات سڀ کان پهرين پاڪستان ۾ شموليت جي آڇ ڪئي، خان آف قلات ڪجهه اشوز تي ڳالهائڻ پئي چاهيو،نوابزاده عبدالڪريم سڀ کان پهرين بغاوت ڪئي هن جي رياست سان جنگ نه هئي،ان کانپوءِ تاثر پيدا ڪيو ويو،ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بلوچستان کي جيڪو ڌيان ڏيڻ گهرجي اهو نه ملي سگهيو،سڀ کان وڏو مسئلو سياسي بيانئي جو آهي،بلوچستان جي مسئلي جو حل ڳالهين،ري ڪنسليشن سان ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته بلوچ نوجوان ڪاوڙيل آهي،جيڪو چورن رياست کان بغاوت پيدا ڪري ان تي سوچڻ گهرجي، ڇا ڊاڪٽر مالڪن، ثنا بلوچ، عبدالرحيم زيارت وال اقتدار ۾ نه رهيا آهن، مسئلو اهو آهي ته اسان حقيقت بيان نٿا ڪريون، جيڪو سسٽم کان ٻاهر ٿيندو آهي اهو ڌانڌلي جو الزام هڻندو آهي، ترجمان بلوچستان حڪومت شاهد رند چيو ته ڊائيلاگ ڪنهن سان ٿين؟ ان سان جيڪو يورپ ۾ ويٺل آهي،يا ان سان جيڪو هٿيار کڻي ويٺل آهي؟1970ع کان وٺي اڄ تائين اليڪشن ٺيڪ ناهن ٿيون،بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ثنا بلوچ چيو ته وفاق بلوچستان جي هر مسئلي جو حل ”مڪي“ ۾ ڳولي ٿو، 1948ع کان وٺي طاقت جو استعمال ٿيندو آيو آهي،اسان بنگالين تي اردو لاڳو ڪئي،بنگالين ان ”مڪي“ مان جان ڇڏائي ڇڏي، پاڪستان ۾ 15 هزار اضافي ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي پر بلوچستان کي رڳو 1500 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي،هن چيو ته 70 سالن کان بلوچستان جو استحصال ٿي رهيو آهي، توهان بنيادي حقن ۾ جبري گمشدگي روڪڻ بابت هڪ ئي آرٽيڪل تي ته عمل ڪريو،پنجاب ۾ غربت جي شرح 10 سيڪڙو،بلوچستان ۾ 60 سيڪڙو آهي،محڪوميت جاري رکڻ لاءِ جعلي اسيمبليون آنديون وڃن ٿيون، بلوچستان ۽ وفاق ۾ هڪ نئون ڊائلاگ ٿيڻ گهرجي،