ڪرغستان ۾ مڇريل هجومن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا

بشڪڪ(م ڊ)ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪڪ ۾ مقامي ماڻهن جي مڇريل هجومن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا، 3 پاڪستاني شاگرد مارجي وڃڻ جا اطلاع مڇريل مقامي ماڻهن بشڪڪ جي هاسٽلز ۽ نجي رهائشگاهن تي چڙهائي ڪري پاڪستاني ۽ ٻين پرڏيهي شاگردن تي حملا ڪيا، ڪيترائي پاڪستاني  شاگرد ۽ شاگردياڻيون هاسٽلز جي ڪمرن ۽ نجي رهائشگاهن ۾ محصور بڻجي ويون، پاڪستاني شاگردن مطابق جهيڙو ڪرغز شاگردن پاران مصري شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ تي شروع ٿيو جنهن کانپوءِ هنگاما شروع ٿي ويا، مڇريل ماڻهن جي شاگردن تي تشدد جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جڏهن ته پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم شاگردن جي مارجي وڃڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه پاڪستاني شاگرد زخمي ٿيا آهن، پاڪستاني سفير پاران شاگردن کي رهائشگاهن  تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي،حسن ضيغم جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪرغز اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، بشڪڪ ۾ ڦاٿل پاڪستانين پاران حڪومت کي بشڪڪ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مدد جون اپيلون،وزيراعظم شهباز شريف پاران بشڪڪ ۾ پاڪستاني شاگردن تي حملن جي واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار،پاڪستاني سفير کي شاگردن کي گهربل هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جون هدايتون، وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بشڪڪ ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم سان رابطي ۾ آهيون،حسن علي ضيغم وزيراعظم کي فون تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حملن جي واقعن ۾ ڪو به پاڪستاني شاگرد مارجي نه ويو آهي، سفارتخانو زخمي ۽ ڦاٿل شاگردن جي مدد ڪري رهيو آهي، وزيراعظم بشڪڪ ۾ ڦاٿل شاگردن جي والدين کي به بروقت معلومات فراهم ڪرڻ جي هدايت،وزيراعظم چيو ته جيڪي زخمي پاڪستاني شاگرد واپس اچڻ چاهين ٿا انهن کي وطن آڻڻ جو فوري بندوبست ڪيو وڃي،ٻئي پاسي پاڪستان ڪرغستان ۾ پاڪستانين سميت ٻين غيرملڪي شاگردن سان پيش ايندڙ واقعن تي اسلام آباد ۾ مقرر ڪرغز سفارتخاني جي ناظم الامور کي ڊيمارش لاءِ پرڏيهي آفيس طلب ڪري ورتو،کيس ڪرغستان ۾ پاڪستاني شاگردن خلاف واقعن جي رپورٽن تي پاڪستان حڪومت جي گهري ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ويو ٻئي پاسي ڪي پي جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو ته ڪرغستان ۾ 10 هزار پاڪستاني شاگرد پڙهن ٿا، حملن ۾ ٽي پاڪستاني شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن، پر آزاد ذريعن ان جي تصديق ناهي ڪئي، ٻئي پاسي پاڪستاني سفير ڪنهن به پاڪستاني شاگرد جي مارجڻ جي ترديد ڪئي آهي،ڪرغستان جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته اختيارين صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، ڪرغز پوليس سمورين هاسٽلن کي سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ امير مقام کي فوري طور بشڪيڪ وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٻئي وفاقي وزير ڪرغز اختيارين ۽ پاڪستاني شاگردن سان ملاقاتون ڪندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.