سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ عوامي هنڌن تي عوامي ٽوائلٽس جي تعمير نه ٿيڻ  بابت ڪيس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيوآهي .عدالت وڪيل طارق منصور جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي .عدالت سنڌ حڪومت کي صوبي جي 32 ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  پبلڪ ٽوائلٽس نه ٺاهڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي مئير،ڊي جي ڪي ڊي اي ،ايم ڊي اي ۽ ڪي ايم سي سميت ٻيا پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهڻ جي حڪم نامي تي پابندي سان عمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائين .عدالت پبلڪ ٽوائلٽس جي موجوده صورتحال ،جگهه ۽ قابل استعمال ٿيڻ جي تفصيلان کي عدالت ۾ جمع ڪرائڻ .عدالت سنڌ صوبي ۾ ڊويڙن جي سطح تي پبلڪ ٽوائلٽس ڪمينيون ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ڪميٽين ۾ ڊپٽي ڪمشنرن ،مئيرن ۽ ٽي ايم سي چئيرمينز شامل هوندا .عدالت چيو ته ڪراچي جي پبلڪ ٽوائلٽس ڪميٽي جي سربراهي ڪراچي جو مئير ڪندو .عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ڪميٽيون پهرين کان موجود پبلڪ ٽوائلٽس جي حالت بهتر ٺاهيندي .ڪميٽينون مناسب جگهن تي پبلڪ ٽوائلٽس جي اڌاوت يقني ٺاهن .عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته پبلڪ ٽوائلٽس جي سهولتون عوام جي لاءِ مفت هجڻ گهرجي .عدالت حڪم ڏنو آهي ته پبلڪ ٽوائلٽس جهيڙي بنيادي حق جي آگاهي جي لاءِ مهم هلائي وڃي .عدالت چيف سيڪريٽري کي حڪم ڌنو آهي ته عدالتي حڪم پبلڪ ٽوائلٽس پاليسي تي عمل ڪرائي .عدالت چيو آهي ته اردو ۽ سنڌي ۾ ويب سائيڊ اپ لوڊ ڪيون وڃن .رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي جي 78 پارڪس ۾ پبلڪ ٽوائلٽس نه آهي .رپورٽ ۾ هئي به چيو ويو آهي ته صرف 8پارڪس ۾ ٽوائلٽس موجود آهن .ڪراچي جي 182 قبرستان ۾ به پبلڪ ٽوائلٽس نه آهن .رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي 33وڏيون مارڪيٽون ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ پبلڪ ٽواٽلٽس جي سهولت موجود نه آهي .ڪراچي جي 42وڏي شاهراهن ،970بس اسٽاپس ۽ چورهين ،133جنرل اسپتالن ،ڪلينڪس ۾ ٽوائلٽس جي سهولت موجود نه آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته صوبي جي سموران شهرن ۽ ٿائونز ۾ به پبلڪ ٽوائلٽس جي سهولت موجود نه آهي .عدالت وڌيڪ چيو ته موهن جي ڊارو جو سپوريج سٽسم دنياجيو پهريون سوريج سٽسم هو .عدالت چيو ته ڊبليو ايچ او صحت .صاف پاڻي سميت ٻين اهڙي شين تي وڏي رقم خرچ ڪندي آهي اسان جي حڪومت اگر ان اهم معاملي تي محسوس ڪري چو ته يواين او جي ممبر آهي .عدالت اسان جي صوبي ۾ ننڊي ٻارڙن جي صحت جو معيار نه آهي جيڪو يواين او مقررڪيو آهي .عدالت چيو ته عالمي ادارن ۽ حڪومت کي عورتن ۽ چوڪرين جي پرائيويسي کي مدنظر رکندي ڪم ڪرڻ گهرجي .عدالت چيو ته ڳوٺائڻ ۾ لوڪل گورنمنٽ ان معاملن کي حل ڪرڻ جي طرف توجهه ڏئي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو تي صحت صفائي ۽ بهتر ماحول جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن .بس اسٽاپس .ريلوي اسٽيشن ۽ پارڪس ۾ پبلڪ ٽوائلٽس جي اشد ضرورت هوندي آهي .ڪي ڊي اي ،ڪي ايم سي ۽ ٽائون انتظاميا اهڙي جگهه پبلڪ ٽوائلٽس جي اڌاوت ڪري ته عام عوام ان تائين پچهائي سگهي .اهڙاپبلڪ ٽوائلٽس ٺاهيا وجن جيڪا پورهن .عورتن ۽ معذورن جي ضرورت پوري ڪري سگهن .عدالت سنڌ حڪومت کي سينٽيشن پاليسي 2017ع تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .درخواستگذاروڪيل طارق منصورچيو ته عوامي هنڌن تي ٽوائلٽس نه هجڻ سبب عورتن، ٻارن ۽ معذورن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو: حڪومت کي بس اسٽاپن، شاپنگ سينٽرن، پارڪن، قبرستانن ۽ ٻين هنڌن تي ٽوائلٽس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وڃي.درخواستگذار چيو ته گڏيل قومن جي ڪنوينشن موجب سنڌ حڪومت سرڪاري سطح تي پبلڪ ٽوائلٽ ٺاهڻ جي پابند آهي،قانون موجب حڪومت کي ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽ ٺاهڻ گهرجن. پبلڪ ٽوائلٽس جي تعمير نه ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 4 ۽ 19 جي ڀڃڪڙي آهي.سنڌ حڪومت کي عوامي هنڌن تي ٽوائلٽ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.