چيف جسٽس دبئي ليڪس ۽ فارم 47جو نوٽيس وٺي\حافظ نعيم الرحمان

لاھور (م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمن چيو آهي ته دبئي ليڪس پانامه ۽ پينڊورا جا زخم تازا ڪري ڇڏيا آهن. ڪهڙو نظام آهي  قوم جو رس چوسي سرمايو خزانو ٻاهر ملڪ منتقل ڪيو وڃي ٿو ۽ حڪمراني وري هتي ڪن ٿا. دبئي ليڪس ۾ سياستدانن بيوروڪريٽس صنعتڪارن جرنلن جا نالا آيا آهن. ن ليگ ۽ پ پ شامل آهن هڪ طرف چيو وڃي ٿو ملڪ ۾ پئسو ڪونهي ٻئي طرف ساڌاٽي هزار ارباب جي ٻاهرين ملڪن م سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي چيف جسٽس پاڪستان دبئي ليڪس ۽ فارم 47جو نوٽيس وٺي. جماعت اسلامي هارين کي حق وٺي ڏيندي سڀاڻي پشاور ۾ غزہ ملين مارچ ٿيندو. ان خيالن جو اظهار هن منصوره م پريس ڪانفرنس ڪندي چيو. نائب امير لياقت بلوچ سيڪريٽري جنرل اميرالعطيم ۽ سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف به ان موقعي تي موجود هئو. امير جماعت اسلامي چيو ته وزير اعلي مريم نواز پاران اعلان ڪيل چار سئو ارب جو ڪيل هاري پئڪيج نمائش آهي. ڪڻڪ خريد ڪرڻ وقت پئسا نه هئا هاڻي هارين کي حق بجا خيرات ڏني وڃي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.