سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ ڪرپٽ حڪومت ۽ ڌاڙيل راڄ مڙهيو ويو آهي: رياض چانڊيو

حيدرآباد ( پ  ر ) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي سربراه جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جسقم چيئرمين اسلم خيرپور.جيئي سنڌ  قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ تحريڪ چيئرمين سورهيه سنڌي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ مٿان هي هٿرادو مڙهيل حڪمران،  هٿرادو ڪرپشن جو نظام هٿرادو ڌاڙيل راڄ ھٿرادو پوليس گردي هي سڀ ان ڪري مڙھي وئي آھي ته جيئن سنڌ جا ماڻھو دائمي طرح قومي ذلت ۽ معاشي طرح بدحالي ۾ گذارن. ۽ ڌاري آبادڪاري جي يلغار هجي، انهن جا وسيلا مسلسل کسي انهن کي پينو فقير بڻائين. بکايل ۽ ڏڪر ۾ ورتل قوم جي صورت ۾ بيهاري انهن جي زمين ۽ وسيلا تين وال ڪجن. سڄو سيٽپ گذريل 17 سالن کان زرداري مافيا ذريعي هلايو پيو وڃي. پنجاب ۽ ان  جون طاقتور قوتون ڌرتي ڌڻين کي رڳو عزت ڀريو جيئاپو نه پر رڳو بک بدحالي انهن جو مقدر بڻائڻ واري سسٽم تحت. قبضي گيري جو نظام هلي ٿو. جنهن کي للڪارڻ لاءِ جنهن جي خاتمي لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي پُرامن جدوجهد ڪرڻي پوندي. هي زمينون واپس ٿين درياه سمنڊ ۽ قومي اختيار واپس ٿئي. اڳتي ڪا به معصوم پريا ڪماري اغوا نه ٿئي نه وري پروفيسر اجمل ساوند جهڙا ماڻھو قتل ٿين ، نه وري تعليم صحت کان محروم  ٿين. سنڌ جا ماڻھو پنهنجي پُرامن جدوجهد ۽ قومي ٻڌي سان اڳتي وٺي هلندا هن ظلم خلاف اڄ 18 تاريخ کان 24 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال تي ويهون ٿا ۽ سنڌ جي سڄي شعور کي وطن پرست  ماڻھن کي اها اپيل ڪريون ٿا پنهنجي قومي بقا جي جدوجهد ۾ شامل ٿين ته سنڌ کي هن فرلٽ جي نظام کان آجو ڪرايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.