مقصودو رند ۾ معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريلي

مقصودو رند  ( ن ع آ )  جي.ڊبليو.سي پاران اقليتي برادري سان واسطو رکندڙ ڌاڙيلن پاران اغوا ٿيل معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جي.ڊبليو.سي اڳواڻ ذوالفقار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ايڊمور پيٽرول پمپ کان  حسيني چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن جي.ڊبليو.سي اڳواڻ سينئر صحافي ذوالفقار خاصخيلي، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ زاھدا ڏاھري ،عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڊاڪٽر راڻو ڪنڍاڻي، فتح محمد ڏاھري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  اقليتي برادري سان واسطو رکندڙ اغوا ٿيل معصوم نينگري پريا ڪماري کي سنڌ پوليس ڌاڙيلن کان اڃا تائين بازياب ناھي ڪرائي سگھي جيڪا پوليس جي ناڪامي آھي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آھي ھن وقت پريا ڪماري جا والدين سخت پريشاني ۽ عذاب ۾ آھن جڏھن ته سنڌ ۾ اقليتي برادري سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن ۽ اقليتي برادري سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪري رھي آھي جيڪا وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي اسان مطالبو ٿا ڪريون سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کي ته معصوم پريا ڪماري کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي ۽ اقليتي برادري سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن ۽ کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.