سنڌ سرڪار پاران نئين مالي سال ۾ وڌيڪ مسافر بسون آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ سرڪار سڄي صوبي لاءِ نئين مالي سال ۾ وڌيڪ بسون آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال حڪيم دايو ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جو ويزن آھي تھ تعلقن کي ضلعي ھيڊڪوارٽرز سان ملايو وڃي، تعلقن کي ضلعي ھيڊڪوارٽرز سان ڳنڍڻ لاءِ پيپلز بس سروس تحت اسڪيم آڻڻ تي غور ڪري رھيا آھيون، ھن چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ھدايتن تحت سکر کان لاڙڪاڻي ۽ سکر کان خيرپور بھ پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. جڏھن تھ حيدرآباد جي مرڪزي علائقن ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ پارڪنگ پلازا تعمير ڪرڻ جو بھ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ 8 بس ٽرمينلز جو تعميراتي ڪم مڪمل ھجڻ جي حوالي سان بھ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي بريفنگ ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.