ٽيريان جو نالو ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان خلاف نااهلي ڪيس، نئين 3 رڪني لارجر بينچ جوڙي وئي

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي مبينا ڌيءَ ٽيريان جيڊ جو نالو ظاهر نه ڪرڻ تي نااهلي واري  ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي ڌيءَ ٽيريان جا نامزدگي ڪاغذ لڪائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي سربراهي ۾ 3 رڪني نئين لارجر بينچ جوڙي ڇڏي. جسٽس ارباب محمد طاهر، جسٽس ثمن رفعت امتياز به لارجر بينچ ۾ شامل آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ 21 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.چيف جسٽس عامر فاروق ٽيريان جيڊ ڪيس کان پاڻ کي الڳ ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.