اليڪشن ٽربيونل پاران پيش نه ٿيڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر مصطفيٰ ڪمال کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موجود اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس عدنان اقبال چودري اين اي 242 ڪياماڙي  تي چونڊ نتيجن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي  .پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار داوا خان صابر متحده جي مصطفيٰ ڪمال جي ڪاميابي کي چئلينج ڪيوهو .داوا خان صابر جو وڪيل اسلم ڀٽه پيش ٿيو .مصطفيٰ ڪمال طرفان ڪوبه وڪيل يا نمائندو پيش نه ٿيو.ٽربيونل هڪ ڀيرو ٻيهر مصطفيٰ ڪمال کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيوآهي .ٽربيونل جواب داخل ڪرڻ لاءِ 29 مئي تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي . وڪيل اسلم ڀٽه چيو ته فارم 45 موجب هن تڪ مان سڀ کان وڌيڪ ووٽ داوا خان صابر کي مليا آهن.رٽرننگ آفيسر رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪندي مصطفيٰ ڪمال کي فارم 47 موجب ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو هو. اليڪشن ٽربيونل ۾ تحريڪ انصاف جي جمال صديقي پي ايس 102تي متحده جي عامرصديقي جي ڪاميبابي کي چيلنچ ڪيو هو .ٽربيونل ڌرين کي 31 مئي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .عدالت سنڌاسمبيلي جي سيڪريٽري کي چيو ته عامر صديقي  جي نوٽيس ڪرايا وڃن ،ٽربيونل رٽيرنگ آفيسر ۽ پي ايس 102 جي ٻين اميدوارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي .

  1. ايس پي ڪراچي ڏکڻ  پراسرار نموني گم، بازيابي لاءِ درخواست داخل

ڪراچي  (رپورٽر)سنڌ پوليس جو ايس پي ڏکڻ به گم ٿي ويو .سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس  نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ايس پي نيئر الحق جي گهرواري وڪيل عامر منسوب ذريعي مڙس جي بازيابي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي ڪئي عدالت آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي، صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن.عدالت ايس پي ڏکڻ جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت ڌرين کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتوآهي . درخواستگذار  پنهنجي موقف ۾ چيو ته نير الحق کي 15 ۽ 16 مئي جي وچ واري رات ۾  پوليس يونيفارم ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار وٺي ويا. درخواستگذار جي وڪيل عامر منسوب چيو ته لاڳاپيل ٿاڻو ۽ پوليس پنهنجي ئي پوليس آفيسر جي گمشدگي کان بي خبر آهي، نيئر الحق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان پوليس جي حراست ۾ شهري جي موت واري ڪيس ۾ ضمانت حاصل ڪئي هئي.وڪيل عامر منسوب چيو ته 16 مئي تي ايس پي نيئر الحق کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، هو رات جو غائب ٿي ويو.15 اپريل تي گرفتار جوابدار معيز نسيم پوليس جي حراست ۾ فوت ٿي ويو هو.ڪيس ۾ ايس ايڇ او علي رضا لغاري ۽ ٿاڻي جو هيڊ محرر گرفتار ٿيل آهن. ڪراچي جي ساحل  ٿاڻي تي ايس پي نيئرالحق ۽ ٻين جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.